Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 11:7 - Muslim Sindhi Bible

7 مرد کي پنهنجو مٿو نہ ڍڪڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هو خدا جي صورت ۽ شان آهي، جڏهن تہ عورت مرد جو شان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ڇالاءِ جو مرد کي بيشڪ پنهنجو مٿو ڍڪڻ نہ گهرجي، هن ڪري جو هو خدا جي صورت ۽ وڏائي آهي؛ پر زال مرد جي وڏائي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 مرد کي پنهنجو مٿو نہ ڍڪڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هو ايشور جو روپ ۽ شان آهي، جڏهن تہ ناري مرد جو شان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 مرد پنھنجو سر نہ ڍڪي، ڇالاءِ⁠جو ھو خدا جي صورت ۽ جلوو آھي، پر عورت مرد جو جلوو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 11:7
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا عورت کي چيو تہ ”آءٌ تنهنجي ويم جي سورن کي گھڻو وڌائيندس. سورن سان تون ٻار ڄڻيندينءَ. پنهنجي مڙس ڏانهن تنهنجو چاهہ ٿيندو ۽ هو تو تي حڪمراني ڪندو.“


جڏهن خدا انسان کي پيدا ڪيو تہ کيس پاڻ وانگر ٺاهيائين. خدا هنن کي نر ۽ ناري پيدا ڪري برڪت ڏني ۽ کين ”انسان“ سڏيائين، جن جي اولاد جي هيءَ فهرست آهي:


جيڪو انسان کي ماريندو تہ انهيءَ کي انسان جي هٿان مارايو ويندو، ڇو تہ مون خدا انسان کي پنهنجي صورت تي ٺاهيو آهي.


تو هن کي پنهنجي ڪاريگريءَ تي اختيار ڏنو آهي، تو سڀني شين کي هن جي هٿ هيٺ ڪري ڇڏيو آهي.


نيڪ عورت پنهنجي مڙس لاءِ فخر ۽ خوشيءَ جو باعث ٿي بڻجي، مگر بي‌شرم عورت پنهنجي مڙس لاءِ هڏين جي موتمار بيماريءَ مثل آهي.


هاڻ آءٌ اوهان کي هڪڙي ٻي ڳالهہ سمجھائڻ گھران ٿو تہ هر مرد جو مٿو مسيح آهي، عورت جو مٿو مرد آهي ۽ مسيح جو مٿو خدا آهي.


جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجو مٿو نہ ٿي ڍڪي تہ وار بہ ڪترائي ڇڏي. پر جيڪڏهن ڪنهن عورت لاءِ وار ڪترائڻ يا ڪوڙائڻ شرم جهڙي ڳالهہ آهي، تہ پوءِ پنهنجو مٿو چادر سان ڍڪي.


جيستائين طيطس جو تعلق آهي تہ هو منهنجو ساٿي ۽ اوهان منجھہ خدمت ڪرڻ ۾ مون سان گڏ آهي. باقي اسان جا هي ٻيا ڀائر ڪليسيائن جا نمائندا ۽ مسيح جي واکاڻ جو سبب آهن.


جنهن زبان سان اسين خداوند پيءُ جي واکاڻ ٿا ڪريون تنهن سان ئي ماڻهن کي پاراتو ٿا ڏيون، جيڪي خدا جي صورت تي پيدا ٿيل آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ