Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 11:22 - Muslim Sindhi Bible

22 ڇا کائڻ پيئڻ لاءِ اوهان کي پنهنجا گھر ڪونہ آهن؟ جن کي ڪابہ شيءِ ڪانہ آهي تن کي شرمندو ڪري ڪليسيا کي ڇو ٿا حقير سمجھو؟ آءٌ اوهان کي ڇا چوان؟ ڇا انهيءَ ڪري آءٌ اوهان جي ساراهہ ڪريان؟ نہ، هرگز نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ڇا کائڻ پيئڻ لاءِ اوهان کي پنهنجا گهر ڪينهن؟ يا خدا جي ڪليسيا کي حقير ٿا سمجهو، ۽ جن وٽ ڪي ڪينهي، تن کي شرمندو ٿا ڪريو؟ آئون اوهان کي ڇا چوان؟ انهي ڪري آئون اوهان جي تعريف ڪريان ڇا؟ آئون اوهان جي تعريف ڪانہ ٿو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 ڇا کائڻ پيئڻ لاءِ اوهان کي پنهنجا گھر ڪونہ آهن؟ جن کي ڪابہ شيءِ ڪانہ آهي تن کي شرمندو ڪري منڊليءَ کي ڇو ٿا نيچ سمجھو؟ آءٌ اوهان کي ڇا چوان؟ ڇا انهيءَ ڪري آءٌ اوهان جي ساراهہ ڪريان؟ نہ، هرگز نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 ڇا کائڻ پيئڻ لاءِ اوھان کي پنھنجا گھر ڪونہ آھن؟ جن کي ڪابہ شيءِ ڪانہ آھي تن کي شرمندو ڪري ڪليسيا کي ڇو ٿا حقير سمجھو؟ آءٌ اوھان کي ڇا چوان؟ انھيءَ ڪري آءٌ اوھان جي ساراھہ ڪريان ڇا؟ يقيناً آءٌ اوھان جي ساراھہ ڪونہ ٿو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 11:22
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي غريبن تي کل ٺٺولي ٿا ڪن، سي ڄڻ تہ سندن خالق جي بي‌حرمتي ٿا ڪن، ۽ ٻئي جي مصيبت تي خوش ٿيڻ وارا سزا کان بچي نہ ٿا سگھن.


اوهين پاڻ سان گڏ انهيءَ سڄي ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن لاءِ پاڪ روح اوهان کي ڌنار مقرر ڪيو آهي. سو خدا جي انهيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رهجو، جيڪا هن پنهنجي فرزند جي رت سان خريد ڪئي آهي.


اوهين ڪنهن جي بہ گمراهہ ٿيڻ جو سبب نہ بڻجو، توڙي جو اهي يهودي هجن يا غير قوم وارا يا خدا جي ڪليسيا.


هيٺين ڳالهين ۾ آءٌ اوهان جي ساراهہ نہ ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي گڏ ٿيڻ سان فائدي کان وڌيڪ نقصان ٿو ٿئي.


آءٌ اوهان جي ساراهہ ٿو ڪريان جو اوهين هر معاملي ۾ مون کي ياد ٿا رکو ۽ جيڪي روايتون مون اوهان تائين پهچايون هيون، تن تي اوهين جيئن جو تيئن عمل ڪندا ٿا رهو.


جيڪڏهن ڪو بکايل هجي تہ ڀلي پنهنجي گھر کائي، متان اوهان جو گڏ ٿيڻ گنهگار هئڻ جي فتويٰ جو سبب نہ بڻجي. باقي ٻيون ڳالهيون جڏهن آءٌ ايندس تڏهن اچي ٺيڪ ڪندس.


آءٌ تہ رسولن ۾ سڀني کان گھٽ آهيان، بلڪ رسول سڏجڻ جي بہ لائق نہ آهيان، ڇاڪاڻ تہ خدا جي ڪليسيا کي ستايو هئم.


جو جيڪڏهن مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ هنن هدايتن مان تون ڄاڻي وٺجانءِ تہ خدا جو گھراڻو جيڪو جيئري خدا جي ڪليسيا ۽ سچ جو ٿنڀو ۽ بنياد آهي، تنهن ۾ ماڻهن کي ڪهڙيءَ طرح هلت چلت ڪرڻ کپي.


ڏسو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو گھر ئي سنڀالي نہ ٿو سگھي تہ اهو خدا جي ڪليسيا جي سار سنڀال ڪيئن ڪري سگھندو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ