Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 11:20 - Muslim Sindhi Bible

20 پر ڳالهہ هيءَ آهي تہ جڏهن اوهين پاڻ ۾ گڏجو ٿا تڏهن جيڪي ڪجھہ کائو ٿا، تنهن جو خداوند عيسيٰ جي يادگيريءَ واري مانيءَ سان ڪو واسطو ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 تنهنڪري جڏهن اوهين پاڻ ۾ گڏ ٿا ٿيو، تڏهن جيڪي کائو ٿا، سو عشاءِ رباني ڪونهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 پر ڳالهہ هيءَ آهي تہ جڏهن اوهين پاڻ ۾ گڏجو ٿا تڏهن جيڪي ڪجھہ کائو ٿا، تنهن جو پرڀو يسوع جي يادگيريءَ واري روٽيءَ سان ڪو واسطو ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 سو اوھين جڏھن بہ پاڻ ۾ گڏجو ٿا تڏھن اوھين جيڪي ڪجھہ کائو ٿا سو خداوند جي يادگيريءَ جي ماني ڪينھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 11:20
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي منهنجي لاءِ قربانيون پيش ڪري انهن جو گوشت کائين ٿا، پر آءٌ خداوند اهڙيون قربانيون قبول ئي نہ ٿو ڪريان. هاڻي آءٌ سندن بدڪاريءَ جي ڪري، کين ڪيل گناهن جي سزا ڏيندس. هائو، آءٌ کين وري مصر ڏانهن موٽائيندس.


وري جڏهن اوهان کاڌو پيتو پئي تہ ڇا اهو سڀ پنهنجن مزن ماڻڻ لاءِ نہ پئي ڪيوَ؟


اهي پنهنجو وقت رسولن کان سکڻ، هڪٻئي جي صحبت ۾ رهڻ، گڏجي ماني کائڻ ۽ دعا گھرڻ ۾ گذارڻ لڳا.


اهي هر روز هيڪل ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ مختلف گھرن ۾ وڃي خوشيءَ ۽ صاف‌دليءَ سان گڏجي کائيندا پيئندا هئا.


هيٺين ڳالهين ۾ آءٌ اوهان جي ساراهہ نہ ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي گڏ ٿيڻ سان فائدي کان وڌيڪ نقصان ٿو ٿئي.


۽ حقيقت ۾ اوهان جي وچ ۾ تفرقا بہ ضرور هوندا تہ جيئن اهو صاف ظاهر ٿئي تہ اوهان مان ڪير سچا آهن.


هر ڪو ٻئي جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي ماني کائي ٿو وٺي ۽ ائين هڪڙو بکايل رهجي وڃي ٿو تہ ٻيو کائي پيئي نشي ۾ چور ٿي پوي ٿو.


اسين پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ ڇڏي نہ ڏيون، جيئن ڪن ماڻهن جي عادت آهي. انهيءَ جي بدران اچو تہ هڪٻئي کي همتائيندا رهون، خاص ڪري ان ڳالهہ کي نظر ۾ رکندي تہ خداوند جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن ويجھو ايندو پيو وڃي.


مطلب تہ جيڪو نقصان هو ٻين کي رسائين ٿا، تنهن جي بدلي ۾ کين نقصان رسايو ويندو. اهي کلي عام عياشي ڪندي خوش ٿا ٿين. اهي اوهان سان گڏ کائيندي پيئندي پنهنجين دغابازين سان عيش عشرت پيا ڪن. ائين اهي ماڻهو اوهان ۾ داغ ۽ عيب آهن.


هي ماڻهو اوهان جي محبت وارين رفاقتي دعوتن لاءِ نقصانڪار آهن، جيڪي بنا ڪنهن جي پرواهہ ڪرڻ جي رڳو پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ اوهان سان گڏ کائين پيئن ٿا. اِهي بي‌آب ڪڪر آهن، جن کي هوائون کنيو اُڏائينديون وتن. اِهي سرءُ جا سڪل وڻ آهن جيڪي ٻنهي لحاظن کان مئل آهن، يعني بي‌ڦل ۽ پاڙؤن پٽيل آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ