Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 11:2 - Muslim Sindhi Bible

2 آءٌ اوهان جي ساراهہ ٿو ڪريان جو اوهين هر معاملي ۾ مون کي ياد ٿا رکو ۽ جيڪي روايتون مون اوهان تائين پهچايون هيون، تن تي اوهين جيئن جو تيئن عمل ڪندا ٿا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 هاڻي آئون اوهان جي تعريف ٿو ڪريان جو اوهين سڀني ڳالهين ۾ مون کي ياد ٿا ڪريو، ۽ جهڙيءَ طرح مون اوهان کي روايتون ڏنيون آهن، تهڙيءَ طرح اوهين اُنهن کي قائم رکندا ٿا اچو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 آءٌ اوهان جي ساراهہ ٿو ڪريان جو اوهين هر معاملي ۾ مون کي ياد ٿا رکو ۽ جيڪي روايتون مون اوهان تائين پهچايون هيون، تن تي اوهين جيئن جو تيئن عمل ڪندا ٿا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 آءٌ اوھان جي ساراھہ انھيءَ لاءِ ٿو ڪريان جو اوھين سڀني ڳالھين ۾ مون کي ياد ڪندا آھيو ۽ جيڪي نصيحتون مون اوھان کي ڪيون آھن تن کي قائم رکندا ٿا اچو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 11:2
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو ٻئي خدا جي نظر ۾ نيڪ هئا ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قانونن تي پوريءَ طرح سان عمل ڪندا هئا.


هيٺين ڳالهين ۾ آءٌ اوهان جي ساراهہ نہ ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي گڏ ٿيڻ سان فائدي کان وڌيڪ نقصان ٿو ٿئي.


ڇا کائڻ پيئڻ لاءِ اوهان کي پنهنجا گھر ڪونہ آهن؟ جن کي ڪابہ شيءِ ڪانہ آهي تن کي شرمندو ڪري ڪليسيا کي ڇو ٿا حقير سمجھو؟ آءٌ اوهان کي ڇا چوان؟ ڇا انهيءَ ڪري آءٌ اوهان جي ساراهہ ڪريان؟ نہ، هرگز نہ.


انهيءَ جي ئي وسيلي اوهان کي ڇوٽڪارو ملي ٿو، بشرطيڪ جيڪا خوشخبري اوهان کي ٻڌائي هئم، تنهن تي جيئن جو تيئن پابند رهندا اچو، نہ تہ اوهان جو ايمان آڻڻ بنا ڪنهن سوچ سمجھہ جي آهي.


انهيءَ سبب مون تيمٿيس کي اوهان ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي، جيڪو خداوند عيسيٰ ۾ منهنجو پيارو ۽ وفادار پٽ آهي. هو اوهان کي مسيح ۾ منهنجي هلت چلت جا اهي نمونا ياد ڏياريندو، جهڙيءَ طرح آءٌ هر هنڌ هر ڪليسيا ۾ تعليم ڏيان ٿو.


آءٌ سڀني ڪليسيائن کي اهو ساڳيو ئي حڪم ٿو ڏيان تہ خدا جنهن کي جهڙيءَ حالت ۾ مسيح ڏانهن سڏيو آهي، اهو انهيءَ حالت ۾ ئي رهي، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن جي حالت خداوند عيسيٰ جي طرفان مقرر ڪيل آهي.


اوهين اسان جي ۽ خداوند عيسيٰ جي نقشِ‌قدم تي هلندڙ بڻيا جڏهن گھڻو ستايو وڃڻ جي باوجود اوهان پاڪ روح جي مليل خوشيءَ سان خدا جو پيغام قبول ڪيو.


پر هاڻي تيمٿيس اوهان وٽان ٿي واپس آيو آهي ۽ اوهان جي ايمان ۽ پيار جي باري ۾ سٺو احوال ڏنو اٿائين. هن اسان کي ٻڌايو آهي تہ اوهين اسان کي هميشہ دل سان ياد پيا ڪريو ۽ اسان سان ملڻ جي گھڻي سڪ اٿوَ، جهڙيءَ طرح اسان کي اوهان جي لاءِ آهي.


تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ثابت قدم رهو ۽ انهن روايتن تي قائم رهو، جيڪي اسان اوهان کي زباني يا خط جي وسيلي سيکاريون آهن.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي تي اوهان کي تاڪيد ٿا ڪريون تہ اوهين هر انهيءَ ايمان واري کان پاسو ڪريو، جيڪو اسان جي سيکاريل روايت موجب زندگي نہ ٿو گذاري، اٽلندو اجايو وقت ٿو وڃائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ