Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 11:17 - Muslim Sindhi Bible

17 هيٺين ڳالهين ۾ آءٌ اوهان جي ساراهہ نہ ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي گڏ ٿيڻ سان فائدي کان وڌيڪ نقصان ٿو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 پر هن نصيحت سان آئون اوهان جي تعريف نٿو ڪريان، ڇالاءِ جو جڏهن اوهين گڏ ٿا ٿيو، تڏهن انهي مان فائدو ڪونہ ٿو ٿئي، بلڪ نقصان ٿو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 هيٺين ڳالهين ۾ آءٌ اوهان جي ساراهہ نہ ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي گڏ ٿيڻ سان فائدي کان وڌيڪ نقصان ٿو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 ھيٺين ھدايتن ۾ آءٌ اوھان جي ساراھہ نہ ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جي گڏ ٿيڻ سان فائدي کان وڌيڪ نقصان ٿو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 11:17
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهن تي سچ چئي ڏيڻ انهيءَ کان بهتر آهي جو محبت هجڻ ڪري ڪجھہ لڪايو وڃي.


اوهين پنهنجي قوم واري جي لاءِ پنهنجيءَ دل ۾ بغض نہ رکجو، پر انهيءَ کي ڇينڀيندا ضرور رهجو، انهيءَ لاءِ تہ سندس لحاظ ڪرڻ سان متان اوهين پنهنجي سر تي گناهہ کڻو.


چڱن ڪمن ڪندڙن کي حاڪمن کان ڊڄڻ نہ گھرجي، بلڪ انهن کي ڊڄڻ گھرجي جيڪي بڇڙا ڪم ٿا ڪن. سو جيڪڏهن اوهين حاڪم کان ڊڄڻ نہ ٿا گھرو، تہ پوءِ چڱا ڪم ڪريو تہ هو اوهان جي نيڪي ڪندو،


آءٌ اوهان جي ساراهہ ٿو ڪريان جو اوهين هر معاملي ۾ مون کي ياد ٿا رکو ۽ جيڪي روايتون مون اوهان تائين پهچايون هيون، تن تي اوهين جيئن جو تيئن عمل ڪندا ٿا رهو.


پر ڳالهہ هيءَ آهي تہ جڏهن اوهين پاڻ ۾ گڏجو ٿا تڏهن جيڪي ڪجھہ کائو ٿا، تنهن جو خداوند عيسيٰ جي يادگيريءَ واري مانيءَ سان ڪو واسطو ڪونهي.


ڇا کائڻ پيئڻ لاءِ اوهان کي پنهنجا گھر ڪونہ آهن؟ جن کي ڪابہ شيءِ ڪانہ آهي تن کي شرمندو ڪري ڪليسيا کي ڇو ٿا حقير سمجھو؟ آءٌ اوهان کي ڇا چوان؟ ڇا انهيءَ ڪري آءٌ اوهان جي ساراهہ ڪريان؟ نہ، هرگز نہ.


جيڪڏهن ڪو بکايل هجي تہ ڀلي پنهنجي گھر کائي، متان اوهان جو گڏ ٿيڻ گنهگار هئڻ جي فتويٰ جو سبب نہ بڻجي. باقي ٻيون ڳالهيون جڏهن آءٌ ايندس تڏهن اچي ٺيڪ ڪندس.


تنهن هوندي بہ جيڪڏهن سڄي ڪليسيا جا ماڻهو هڪڙي هنڌ گڏ ٿين ۽ سڀيئي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائين ۽ ڪي اوپرا ۽ غير ايمان وارا ماڻهو بہ اندر لنگھي اچن تہ ڇا اهي اوهان کي چريو نہ چوندا؟


تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ اهو ئي تہ جڏهن اوهين گڏ ٿيو تڏهن هر ڪو ڪجھہ نہ ڪجھہ ڪري، ڪو گيت ڳائي، ڪو تعليم ڏئي، ڪو مڪاشفو ٻڌائي، ڪو اڻ‌ڄاتل ٻولي ڳالهائي يا ڪو ان جو ترجمو ڪري سمجھائي. پر اهو لازمي آهي تہ سڀ ڳالهيون ڪليسيا جي روحاني ترقيءَ لاءِ هجن.


اسين پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ ڇڏي نہ ڏيون، جيئن ڪن ماڻهن جي عادت آهي. انهيءَ جي بدران اچو تہ هڪٻئي کي همتائيندا رهون، خاص ڪري ان ڳالهہ کي نظر ۾ رکندي تہ خداوند جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن ويجھو ايندو پيو وڃي.


اهڙيءَ طرح حاڪمن جا انهيءَ ڪري تابعدار رهو جو اهي شهنشاهہ جا مقرر ڪيل آهن، انهيءَ لاءِ تہ اهي بڇڙن کي سزا ڏين ۽ نيڪ ڪم ڪرڻ وارن جي ساراهہ ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ