Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 11:16 - Muslim Sindhi Bible

16 جيڪڏهن ڪو انهيءَ بابت بحث مباحثو ڪرڻ گھري تہ کيس چئجو تہ ”مٿي اگھاڙي عورت جو دعا گھرڻ وارو دستور نہ اسان جو آهي نڪي خدا جي ڪليسيائن جو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو تڪراري ڏسڻ ۾ اچي تہ انهي کي چئجو تہ اهو اسان جو دستور نہ آهي، نڪي خدا جي ڪليسيائن جو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 جيڪڏهن ڪو انهيءَ بابت بحث مباحثو ڪرڻ گھري تہ کيس چئجو تہ ”مٿي اگھاڙي ناريءَ جو پرارٿنا ڪرڻ وارو دستور نہ اسان جو آهي نڪي ايشور جي منڊلين جو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 جيڪڏھن ڪو انھيءَ بابت بحث مباحثو ڪرڻ گھري تہ کيس چئجو تہ ”مٿي اگھاڙي عورت جو دعا گھرڻ وارو دستور نہ اسان جو آھي نڪي خدا جي ڪليسيائن جو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 11:16
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ مون خريداريءَ وارو پڪو دستاويز کنيو جنهن تي مهر لڳل هئي ۽ منجھس شرط شروط تحرير هئا ۽ انهيءَ سان گڏ ان جو نقل بہ جيڪو مهر بند نہ هو.


پر اوهان جي باري ۾ کين ٻڌايو ويو آهي تہ غير قومن جي علائقن ۾ جيڪي يهودي آهن، تن سڀني کي اوهين اها تعليم ٿا ڏيو تہ موسيٰ جي شريعت کان ڦري وڃن، ٻارن جو طهر نہ ڪرائين ۽ پنهنجين ريتن رسمن تي نہ هلن.


سو هاڻي اوهين انهن سان گڏجي وڃي پاڪ ٿيڻ جي رسم ۾ شريڪ ٿيو ۽ انهن جو خرچ بہ اوهين ڀريو تہ هو پنهنجا مٿا ڪوڙائين. اهڙيءَ طرح سڀيئي ماڻهو ڄاڻي وٺندا تہ جيڪي ڳالهيون اوهان بابت کين ٻڌايون ويون آهن سي سڀ ڪوڙيون آهن، بلڪ اوهين تہ پاڻ شريعت تي عمل ڪريو ٿا ۽ ان تي پوريءَ طرح ڪاربند آهيو.


جڏهن تہ عورت لاءِ ڊگھا وار سندس عزت آهن؟ ڇاڪاڻ تہ اهي وار کيس پردي جي لاءِ ڏنا ويا آهن.


باقي رهي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ چندي جي ڳالهہ، جنهن بابت آءٌ اوهان کي ساڳي هدايت ڪريان ٿو، جيڪا مون گلتيا صوبي جي ڪليسيائن کي ڪئي هئي تہ


تنهنڪري خداوند عيسيٰ جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوندهہ ۾ لڪل ڳالهيون روشنيءَ ۾ آڻيندو ۽ ماڻهن جي دلين جا منصوبا ظاهر ڪندو. تڏهن خدا جي طرفان هر مناسب سوچ رکندڙ جي تعريف ڪئي ويندي.


آءٌ سڀني ڪليسيائن کي اهو ساڳيو ئي حڪم ٿو ڏيان تہ خدا جنهن کي جهڙيءَ حالت ۾ مسيح ڏانهن سڏيو آهي، اهو انهيءَ حالت ۾ ئي رهي، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن جي حالت خداوند عيسيٰ جي طرفان مقرر ڪيل آهي.


ڇا ٻين وانگر آءٌ پنهنجو حق وٺڻ لاءِ آزاد نہ آهيان؟ ڇا آءٌ رسول نہ آهيان؟ ڇا مون عيسيٰ کي نہ ڏٺو آهي جيڪو اسان جو خداوند آهي؟ ڇا اوهين خداوند جي لاءِ منهنجي خدمت جو نتيجو نہ آهيو؟


ڇا رڳو منهنجي ۽ برنباس جي لاءِ ئي ضروري آهي تہ اسين پورهيو ڪري گذارو ڪريون؟


انهيءَ ڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين خدا جي انهن ڪليسيائن جهڙا ٿي پيا، جيڪي يهوديہ صوبي ۾ عيسيٰ مسيح ۾ آهن، ڇاڪاڻ تہ اوهان بہ پنهنجي هم‌وطن ماڻهن کان ساڳيون ئي تڪليفون سٺيون، جهڙيون انهن ڪليسيائن پنهنجي هم‌وطن يهودين کان سٺيون هيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ