Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 1:30 - Muslim Sindhi Bible

30 اهو خدا ئي تہ آهي جنهن اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو مسيح ئي آهي جنهن کي خدا اسان لاءِ ڏاهپ بڻايو آهي، جنهن مان سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو ملي ٿو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 اُهو ئي اوهان جو مسيح يسوع ۾ اصل آهي، جنهن کي خدا اسان جي لاءِ دانائي بنايو، يعني اسان جي راستبازي، ۽ پاڪيزگي، ۽ نجات.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 اهو ايشور ئي تہ آهي جنهن اسان کي يسوع مسيح سان گڏي هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو مسيح ئي آهي جنهن کي ايشور اسان لاءِ ڏاهپ بڻايو آهي، جنهن مان سچائي، پوِترتائي ۽ مڪتي ملي ٿي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 پر خدا اوھان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي ھڪ ڪري ڇڏيو آھي ۽ کيس اسان لاءِ حڪمت يعني سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو بڻايو اٿائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 1:30
76 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٻڌو، ڏاهپ وڏي واڪي گھٽين ۽ بازارن ۾ پڪاريندي ٿي وتي.


بيشڪ اهو خداوند ئي آهي، جنهن کان اسان کي ڏاهپ ملي ٿي. هائو، ڄاڻ ۽ سمجھہ هن کان ئي حاصل ٿئي ٿي.


اي نادانؤ! اوهين دانائي سکو. اي بي‌وقوفؤ! اوهين عقلمند ٿيو.


انهيءَ تي خداوند جو روح نازل ٿيندو، يعني ڏاهپ ۽ سمجھہ جو روح، مصلحت ۽ طاقت جو روح، علم ۽ خداوند جي خوف جو روح.


پر بني اسرائيل کي خداوند بچايو آهي، بلڪ هميشہ جي لاءِ بچائي ورتو آهي. سو اهي ابد تائين ڪڏهن بہ پريشان يا خوار خراب نہ ٿيندا.


پر انهن مان ڪوبہ هٿيار تو کي نقصان پهچائي نہ سگھندو. عدالت ۾ جيڪي تنهنجي خلاف ڳالهائيندا، تن کي تون ڪوڙو ثابت ڪندينءَ. اهڙيءَ ئي طرح آءٌ پنهنجي ٻانهن جي حفاظت ٿو ڪريان، ۽ کين فتحيابي عطا ٿو ڪريان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


انهن ڏينهن ۾ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جا ماڻهو محفوظ رهندا، ۽ سلامتيءَ سان گذاريندا. تڏهن يروشلم شهر هن نالي سان سڏبو تہ ’خداوند اسان سان سچو آهي.‘


چيو تہ ”شل خدا جو نالو ازل کان وٺي ابد تائين سڳورو هجي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي حڪمت ۽ قدرت وارو آهي.


تنهنجي قوم بني اسرائيل ۽ تنهنجي پاڪ شهر يروشلم لاءِ ستر دفعا ستن ستن سالن جو مدو مقرر ٿيو آهي. جيئن انهيءَ عرصي ۾ منجھائن خطاڪاري ۽ گناهہ ختم ٿي وڃن، هائو، کانئن بدڪاري دور ٿي وڃي. دائمي سچائي قائم ٿئي، تان‌تہ رويا ۽ اڳڪٿي سچا ثابت ٿين ۽ هيڪل کي مسح ڪري مخصوص ڪيو وڃي.


تنهنڪري آءٌ خداوند انهن کي پاتال مان ڪونہ ڪڍندس، نہ وري کين موت کان بچائيندس. اي موت! تنهنجي وبا ڇو دير ڪئي آهي؟ اي قبر! تنهنجي تباهي اڃا ڇو نہ آئي آهي؟ هاڻي آءٌ مٿن ڪوبہ رحم نہ ڪندس.


هن کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو عيسيٰ رکجانءِ، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجيءَ قوم کي سندن گناهن کان ڇوٽڪارو ڏيندو.“


اوهان جي انهن ڪمن جي ڪري ئي خدا پنهنجي حڪمت سان بيان فرمايو تہ ’آءٌ پنهنجي نبين کي اوهان وٽ موڪليندس، جن مان اوهين ڪن کي ستائيندا ۽ ڪن کي تہ ماري ڇڏيندا.‘


ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي اهڙي زبان ۽ اهڙي ڏاهپ ڏيندس جو اوهان جو ڪوبہ دشمن اوهان سان مقابلو يا مخالفت ڪري نہ سگھندو.


ڪنهن بہ ماڻهوءَ خدا کي ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي، پر سندس اڪيلي ئي فرزند، جيڪو ساڻس ويجھي ۾ ويجھو آهي، تنهن ئي کيس ظاهر ڪيو آهي.


عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ زندگي آءٌ آهيان. منهنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پيءُ تائين پهچي نہ ٿو سگھي.


مون تو کي انهن تي ظاهر ڪيو آهي ۽ اڃا بہ ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو پيار تو مون سان ڪيو آهي سو انهن ۾ هجي ۽ آءٌ بہ انهن ۾ هجان.“


جيڪو پيغام تو مون کي ڏنو، سو مون انهن تائين پهچايو آهي ۽ انهن اهو قبول ڪيو آهي. انهن اها حقيقت ڄاڻي ورتي آهي تہ آءٌ تو وٽان آيو آهيان، بلڪ سندن ايمان آهي تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.


ٻئي دفعي عيسيٰ فريسين سان ڳالهائيندي چيو تہ ”آءٌ دنيا جي روشني آهيان. جيڪو بہ منهنجي پيروي ڪندو، تنهن کي زندگيءَ جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏهن بہ اونداهيءَ ۾ نہ گھمندو.“


تو کي انهن جون اکيون کولڻيون آهن ۽ کين اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آهي. انهن کي شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري خدا ڏانهن موڙڻو آهي، تہ جيئن اهي مون تي ايمان آڻين ۽ گناهن جي معافي ملين ۽ هو خدا جي پنهنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“


انهيءَ خوشخبريءَ مان اهو ظاهر آهي تہ خدا ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڪيئن سچار ٿو ڪري. اهو رڳو ايمان رکڻ جي وسيلي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ٿئي ٿو، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جنهن کي ايمان جي وسيلي خدا ڏانهن سچار ڪيو ويو آهي، سو ئي جيئرو آهي.“


بيشڪ سڀيئي شيون خدا جون ئي پيدا ڪيل آهن، انهيءَ جي ڪري ئي وجود ۾ آهن ۽ انهيءَ جي لاءِ ئي آهن. شل خدا جي عظمت جي واکاڻ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


تهڙيءَ طرح اسين بہ جيتوڻيڪ گھڻا آهيون، تہ بہ مسيح ۾ هڪ جسم ٿيا آهيون ۽ پاڻ ۾ هڪٻئي جا عضوا آهيون.


هيروديون نالي منهنجي قوم واري کي منهنجا سلام ڏجو. نرڪسس جي گھر ۾ جيڪي مسيح جا آهن، تن کي منهنجا سلام ڏجو.


منهنجي قوم وارن اندرنيڪس ۽ يونياس کي سلام ڏجو، جيڪي مون سان گڏ جيل ۾ هئا ۽ مخصوص ڪيل تبليغ ڪندڙن طور مشهور آهن ۽ جن مون کان اڳ مسيح تي ايمان آندو هو.


اسان جي گناهن جي خاطر هن کي موت جي حوالي ڪيو ويو ۽ اسان کي خدا ڏانهن سچار بڻائڻ لاءِ کيس وري جيئرو ڪيو ويو.


جنهن ماڻهوءَ کي سندس عملن کان سواءِ ئي خدا پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو ليکي، تنهن کي دائود بہ هيئن سڀاڳو ٿو سڏي تہ


هائو، جيئن هڪڙي ماڻهوءَ جي نافرمانيءَ جي ڪري گھڻا ماڻهو گنهگار ٿيا، تيئن هڪڙي ئي ماڻهوءَ جي فرمانبرداريءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻهو خدا ڏانهن سچار بڻايا ويندا.


تنهنڪري جيئن گناهہ جي حڪمراني ماڻهن کي موت جي حوالي ڪندي پئي رهي، تيئن هاڻي خدا جي فضل جي حڪمراني اسان کي خدا ڏانهن سچار بڻائي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي دائمي زندگي ٿي بخشي.


پر هاڻ جيڪي عيسيٰ مسيح ۾ آهن، سي گنهگار هئڻ جي فتويٰ کان آزاد آهن.


انهن سان گڏوگڏ اسين پاڻ بہ پنهنجي اندر ۾ پيا ڪنجھون. جيتوڻيڪ خدا اسان کي انهيءَ آزاديءَ جي پهرين بخشش پاڪ روح جي صورت ۾ عطا ڪئي آهي، تہ بہ خدا جا پوريءَ طرح ٻار ٿيڻ يعني پنهنجي بدن کي نئين حالت ملڻ جي بيحد انتظار ۾ ويٺا آهيون.


پر اوهين انساني فطرت موجب نہ بلڪ پاڪ روح موجب هلو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهان ۾ خدا جو روح رهي ٿو. جنهن ماڻهوءَ ۾ مسيح جو روح نہ آهي سو مسيح جو نہ آهي.


هي خط ڪرنٿس شهر ۾ خدا جي ڪليسيا ڏانهن لکجي ٿو، يعني اوهان ڏانهن جيڪي عيسيٰ مسيح ۾ پاڪ ڪيا ۽ چونڊيا ويا آهيو. هي انهن سڀني جي نالي پڻ لکجي ٿو جيڪي هر هنڌ خداوند عيسيٰ مسيح جو نالو وٺن ٿا، جيڪو انهن جو ۽ اسان جو خداوند آهي.


پر جن ماڻهن کي خدا سڏيو آهي، توڙي جو اهي يهودي هجن يا غير قوم وارا، تن لاءِ مسيح خدا جي قدرت ۽ خدا جي ڏاهپ آهي.


حقيقت ۾ خدا هر هڪ عضوي کي بدن ۾ پنهنجيءَ مرضيءَ موجب ترتيب سان رکيو آهي.


سو اوهين سڀ گڏجي مسيح جو بدن آهيو ۽ هر هڪ ان جو عضوو آهي.


هڪڙي کي پاڪ روح ڏاهپ سان ڳالهائڻ جي نعمت بخشي ٿو تہ ٻئي کي ساڳيو پاڪ روح ڄاڻ سان ڳالهائڻ جي نعمت ٿو بخشي.


جيتوڻيڪ مسيح جي راهہ تي هلڻ ۾ اوهان جا ڏهہ هزار نگهبان بہ ڇو نہ هجن، تہ بہ اوهان جا پيئر گھڻا ڪين آهن. آءٌ ئي اوهان جو پيءُ بڻيس، ڇاڪاڻ تہ خوشخبريءَ جي تبليغ وسيلي اوهين عيسيٰ مسيح ۾ منهنجا ئي ٻار ٿيا.


اوهان ۾ بہ ڪي اهڙا ئي هئا. پر هاڻي اوهين خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي ۽ اسان جي خدا جي پاڪ روح جي وسيلي گناهن کان ڌوتا ويا آهيو، مخصوص ڪيا ويا آهيو ۽ خدا ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيو.


آءٌ مسيح جي هڪڙي پوئلڳ کي ڄاڻان ٿو، جيڪو چوڏهن سال اڳي اوچتو عرش عظيم تي کنيو ويو. مون کي خبر نہ آهي تہ هو بدن سميت يا بدن کان سواءِ کنيو ويو. اهو خدا ئي ڄاڻي ٿو.


اسين تبليغ انهيءَ لاءِ ڪريون ٿا جو جنهن خدا فرمايو تہ ”اونداهيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنهن پنهنجي روشني اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن سندس عظمت کي ڄاتو وڃي جيڪا عيسيٰ مسيح جي چهري مان چمڪي ٿي.


مسيح اسان جي گناهن جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، تہ جيئن هو خدا اسان جي پيءُ جي مرضيءَ موجب اسان کي هن هاڻوڪي خراب زماني کان بچائي.


هاڻ مسيح اسان جي بدران عيوضو ڏيئي شريعت تي عمل نہ ڪرڻ واري لعنت کان اسان کي ڇڏايو. هائو، هو صليب تي چڙهي اسان جي واسطي پاڻ لعنتي بڻيو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“


اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن زمانن جي پوري ٿيڻ جو اهڙو بندوبست ٿئي جو آسمان توڙي زمين تي جيڪي ڪجھہ بہ آهي، سو سڀ مسيح جي سنڀال هيٺ اچي وڃي.


پاڪ روح اسان يهودين توڙي غير يهودين کي ملڻ واري ميراث جو بيانو آهي، جيڪو ايستائين ضمانت آهي جيستائين اسين سڀ جيڪي خدا جي ملڪيت آهيون، تن کي پوريءَ طرح ڇڏايو وڃي، تہ جيئن خدا جي عظمت جي واکاڻ ٿئي.


انهيءَ فرزند ۾ ئي سندس رت جي وسيلي اسين ڇڏايا وڃون ٿا، يعني اسان جا گناهہ معاف ڪيا وڃن ٿا. اهو خدا جي انهيءَ فضل جي دولت موجب آهي،


اسين تہ خدا جي ڪاريگري آهيون ۽ هن اسان کي عيسيٰ مسيح ۾ نئين سر پيدا ڪيو آهي، تہ جيئن اسين چڱا ڪم ڪندا رهون جيڪي هن اڳي ئي اسان جي ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا آهن.


انهيءَ سان گڏ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو، جيڪو انهيءَ ڏينهن لاءِ اوهان تي مُهر آهي جڏهن اوهين ڇڏايا ويندا.


هن انهيءَ ڪري ائين ڪيو تہ جيئن ڪليسيا کي خوشخبريءَ جي وسيلي پاڻيءَ سان غسل ڪرائي صاف ڪري مخصوص ۽ پاڪ بڻائي.


۽ هن سان پوريءَ طرح گڏيل ثابت ٿيان. اهو منهنجي انهيءَ سچائيءَ رکڻ سان ناهي جيڪا شريعت تي عمل ڪرڻ وسيلي آهي، پر انهيءَ سچائيءَ سبب آهي جيڪا مسيح تي ايمان آڻڻ جي وسيلي حاصل ٿئي ٿي. هائو، ايمان جي ڪري ئي خدا ماڻهن کي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي.


جنهن جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو، يعني گناهن جي معافي ملي آهي.


مسيح بابت پيغام کي پوريءَ طرح پاڻ ۾ رهڻ ڏيو ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هڪٻئي کي تعليم ڏيندا ۽ نصيحت ڪندا رهو. ان سان گڏ دل سان خدا جي شڪرگذاري ڪندي زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳائيندا رهو.


شل سلامتي بخشيندڙ خدا اوهان کي مڪمل طور پاڪ ڪري. شل هو اوهان جي روح، جان ۽ بدن کي پوريءَ طرح محفوظ رکي، تہ جيئن اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي اچڻ وقت اوهين بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.


مقدس ترين جاءِ ۾ هڪڙو ئي ڀيرو هميشہ لاءِ داخل ٿيو. اتي هن ٻڪرن ۽ گابن جي رت جي وسيلي نہ، پر خود پنهنجي رت جي وسيلي اسان جي لاءِ دائمي ڇوٽڪارو حاصل ڪيو.


جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن ۾ ڏاهپ جي ڪمي آهي تہ اهو خدا کان گھري. هو کيس ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ خدا بنا ڇينڀڻ جي سڀني کي بي‌انداز ٿو ڏئي.


خدا پيءُ پنهنجي ارادي موجب اڳ ۾ ئي پاڪ روح جي وسيلي اوهان کي مخصوص ڪري چونڊيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين عيسيٰ مسيح جا فرمانبردار ٿيو ۽ سندس رت ڇٽڪارڻ سان پاڪ ڪيا وڃو. شل اوهان تي فضل ۽ سلامتي وڌندي رهي.


هي خط مون شمعون پطرس جي طرفان آهي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو ٻانهو ۽ رسول آهيان. هي خط انهن ڏانهن ٿو لکجي، جن کي اسان جي خدا ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ، يعني عيسيٰ مسيح جي سچائيءَ جي وسيلي اسان جهڙو قيمتي ايمان حاصل ٿيو آهي.


اهو عيسيٰ مسيح ئي آهي جيڪو پنهنجي ورتل بپتسما جي پاڻيءَ ۽ پنهنجي موت جي رت جي وسيلي خدا جي فرزند طور ظاهر ٿيو. هو نہ رڳو پاڻيءَ جي وسيلي، پر پاڻيءَ ۽ رت ٻنهي جي وسيلي ظاهر ٿيو. پاڪ روح جيڪو خود سچ آهي، سو اها شاهدي ڏئي ٿو،


اهي ڪنوارن جيان پاڻ کي پاڪ رکندي گھيٽڙي جي ئي پٺيان هلن پيا. جيڏانهن هو وڃي ٿو، اوڏانهن اهي بہ وڃن ٿا. انهن کي گھيٽڙي مُلهہ ڏيئي انسانن مان خريد ڪيو آهي، تہ جيئن خدا ۽ گھيٽڙي جو پهريون ڦل ٿين.


گھيٽڙي جي پيرن تي ڪرندي ئي اهي هڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اهو ويڙهوٽو وٺڻ ۽ انهيءَ جي مُهرن کي ٽوڙڻ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ تو پنهنجي رت سان سڀ ڪنهن قوم، قبيلي، ٻوليءَ ۽ ذات منجھان ماڻهن کي خدا جي لاءِ خريد ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ