Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 1:17 - Muslim Sindhi Bible

17 حقيقت ۾ مسيح مون کي بپتسما ڏيڻ لاءِ نہ پر خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ موڪليو آهي ۽ اها بہ ڏاهپ وارن لفظن استعمال ڪرڻ سان نہ، متان مسيح جو صليب تي چڙهي جان ڏيڻ بي‌اثر ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ڇالاءِ جو مسيح مون کي بپتسما ڏيڻ لاءِ نہ، پر خوشخبري ٻُڌائڻ لاءِ موڪليو، سو بہ فصيح ڏاهپ ڪري نہ، متان مسيح جو صليب بي اثر ٿي پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 حقيقت ۾ مسيح مون کي بپتسما ڏيڻ لاءِ نہ پر خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ موڪليو آهي ۽ اها بہ ڏاهپ وارن لفظن استعمال ڪرڻ سان نہ، متان مسيح جو سوليءَ تي چڙهي جان ڏيڻ بي‌اثر ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 ڇالاءِ⁠جو مسيح مون کي بپتسما ڏيڻ لاءِ نہ پر خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ موڪليو آھي ۽ اھا بہ ڏاھپ جي لفظن سان نہ، متان مسيح جو صليب تي چڙھي جان ڏيڻ بي⁠اثر ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 1:17
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ کي خبر پيئي تہ فريسين ٻڌو آهي تہ عيسيٰ يحيٰ کان وڌيڪ شاگرد ڪري رهيو آهي ۽ بپتسما ڏيئي رهيو آهي.


جڏهن تہ حقيقت ۾ عيسيٰ پاڻ ڪنهن کي بہ بپتسما نہ ٿي ڏني، پر سندس شاگرد ڏيئي رهيا هئا.


سو هن حڪم ڏنو تہ ”انهن کي عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما ڏني وڃي.“ پوءِ قيصريہ جي انهن ماڻهن پطرس کي عرض ڪيو تہ ”مهرباني ڪري ڪجھہ ڏينهن اسان وٽ رهي پئو.“


جڏهن آءٌ اوهان ڀائرن ڀينرن وٽ آيو هئس تہ مون خدا جي راز جي منادي ڏکين ۽ ڏاهپ وارن لفظن کان سواءِ ڪئي هئي.


اسين اهي ڳالهيون ماڻهن جي ڏاهپ جي سيکاريل لفظن ۾ نہ، پر پاڪ روح جي سيکاريل لفظن ۾ بيان ٿا ڪريون. اهڙيءَ طرح اسين پاڪ روح جون ڳالهيون انهن کي سمجھايون ٿا، جن ۾ پاڪ روح رهي ٿو.


اسين صاف ضمير سان فخر ڪندي چئي سگھون ٿا تہ خدا کان مليل پاڪائيءَ ۽ سچائيءَ سان اسان زندگي گذاري آهي. اهڙو ورتاءُ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان سان ڪيو آهي. اسان ائين دنياوي ڏاهپ موجب نہ، بلڪ خدا جي فضل موجب ڪيو آهي.


بيشڪ ڪي چون ٿا تہ ”پولس جا خط رعب وارا ۽ سخت آهن، پر جڏهن پاڻ حاضر ٿئي ٿو تہ هن ۾ رعب تاب ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي ۽ تقرير ڪين جهڙي اٿس.“


پر جيڪڏهن آءٌ تقرير ڪرڻ ۾ ماهر نہ بہ هجان تہ بہ علم ۾ گھٽ نہ آهيان ۽ اهو اسان هر وقت ۽ هر ڳالهہ ۾ اوهان جي اڳيان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.


اسين بي‌شرميءَ وارين لڪل ڳالهين کان بہ پاسو ڪريون ٿا. اسين نڪي ٺڳيءَ سان ٿا هلون ۽ نہ وري مسيح بابت خدا جي پيغام ۾ ڦيرڦار ٿا ڪريون. اٽلندو سچ کي پڌرو ڪري خدا جي آڏو هر هڪ ماڻهوءَ جي دل ۾ پنهنجي نيڪي ٿا ڄمايون.


اسان پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي قدرت ۽ سندس موٽي اچڻ جي جيڪا خبر اوهان کي ڏني هئي، سا اسان بناوٽي ڪهاڻين تي لڳي ڪري ڪونہ ٻڌائي هئي، پر سندس شان وَ شوڪت جا اکين ڏٺا شاهد هئاسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ