Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 9:26 - Muslim Sindhi Bible

26 چار مکيہ دربان لاوي هوندا هئا ۽ خاص عهدي تي هوندا هئا. اهي خدا جي گھر ۾ حجرن ۽ خزانن تي مقرر هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ڇالاءِ جو چار مکيہ دربان، جي لاوي هوندا هئا، سي ٺهرايل عهدي تي هوندا هئا، ۽ اهي خدا جي گهر ۾ ڪوٺين تي ۽ خزانن تي هوندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 9:26
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هو واپس موٽيا ۽ اچي شهر جي دربانن کي سڏ ڪري کين ٻڌايائون تہ ”اسين ارامين جي خيمي‌گاهہ ۾ ويا هئاسون ۽ ڏٺوسون تہ اتي ڪوبہ ڪونہ هو. هائو، ڪوبہ انساني آواز ٻڌڻ ۾ ڪونہ ٿي آيو. رڳو گھوڙا ۽ گڏهہ ٻڌا بيٺا هئا ۽ تنبو بہ جيئن جو تيئن کوڙيل هئا.“


سندن مائٽ جيڪي ڳوٺن ۾ رهندا هئا سي وقت بوقت، هفتو هفتو اچي ساڻن ڪم ۾ مدد ڪندا هئا.


اهي خدا جي گھر جي چوگرد رات گذاريندا هئا، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جي نگهباني ڪرڻ ۽ هر روز صبح جو انهيءَ جا دروازا کولڻ سندن ذميواري هوندي هئي.


تنهن طوبياہ کي رهڻ لاءِ انهن گودامن مان هڪڙي وڏي ڪوٺي ڏني. اها ڪوٺي هيڪل جي سامان رکڻ لاءِ مقرر هئي يعني اناج جون قربانيون، لوبان، خدا جي گھر جا ٿانوَ، اَناج، مئي ۽ زيتون جي تيل جا ڏهان حصا، جيڪي مقرر طريقي موجب لاوين، هيڪل جي ڳائڻن ۽ دربانن کي ڏبا هئا. انهيءَ کان علاوہ اتي ڪاهنن لاءِ گڏ ڪيل چندا پڻ رکيا ويندا هئا.


”تون ريڪابي گھراڻي وارن وٽ وڃ ۽ کين چئُہ تہ هو منهنجي هيڪل جي ڪوٺين مان هڪڙي ڪوٺيءَ ۾ اچي گڏ ٿين ۽ پوءِ تون کين مئي پيئڻ لاءِ ڏي.“


تنهن کان پوءِ اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ ۾ وٺي ويو. اتي ڇا ڏسان تہ ٻاهرين ڀت جي اندرين پاسي ۾ چئني طرفن تي ٽيهہ ڪمرا ٺهيل آهن. انهن ڪمرن جي اڳيان سندن دروازن وٽ اڱڻ جي چوڌاري پٿرن سان فرش ٻڌل هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ