1.تواريخ 9:22 - Muslim Sindhi Bible22 اهي سڀيئي جيڪي دربان طور چونڊيا ويا سي ٻہ سؤ ٻارهن ڄڻا هئا. انهن جو شمار سندن نسبنامي موجب سندن ڳوٺن ۾ ڪيو ويو. انهن دربانن کي دائود بادشاهہ ۽ سموئيل نبيءَ مقرر ڪيو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible22 اهي سڀيئي جي درن جي لاءِ چونڊي دربان ڪري رکيا ويا هئا، سي ٻہ سؤ ٻارنهن ڄڻا هئا. اهي سندن نسب نامي موجب سندن ڳوٺن ۾ شمار ڪيا ويا هئا، ۽ انهن کي دائود ۽ سموئيل نبيءَ سندن عهدن تي مقرر ڪيو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن سائول پنهنجي نوڪر کي چيو تہ ”چڱي ڳالهہ ڪئي اٿيئي. اچ تہ هلون.“ سو هو انهيءَ شهر ڏانهن ويا جتي اهو خدا جو ٻانهو رهندو هو. جڏهن هو شهر ڏانهن مٿي چڙهي رهيا هئا، تڏهن هنن کي ڪجھہ ڇوڪريون مليون جيڪي پاڻي ڀرڻ لاءِ ٻاهر وڃي رهيون هيون. هنن انهن ڇوڪرين کان پڇيو تہ ”ڇا غيبدان هتي آهي؟“ اڳئين زماني ۾ ائين ٿيندو هو جو بني اسرائيل مان جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي خدا جي مرضي معلوم ڪرڻي هوندي هئي تہ هو غيبدان وٽ ويندو هو. جنهن کي هاڻي نبي ٿو سڏجي تنهن کي اڳي غيبدان سڏيو ويندو هو.