سلوم ولد قوري ولد ابيآسف ۽ سندس گھراڻي بني قورح جا ٻيا دربان هيڪل جي دروازن جي نظرداري ڪندا هئا، جهڙيءَ طرح سندن وڏا خداوند جي مقدس خيمي جا دربان هوندا هئا.
خدا وراڻيس تہ ”تون يقين ڪري ڄاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ هوندس. ان جي نشاني تہ مون ئي تو کي موڪليو آهي اها هوندي، تہ جڏهن تون انهن ماڻهن کي مصر مان ڪڍي ايندين، تڏهن تون هن جبل تي مون خدا جي عبادت ڪندين.“
هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر جي سنڀال هيٺ هي شيون آهن: ڏيئن ٻارڻ جو تيل، خوشبودار لوبان، دستوري اناج جي قرباني ۽ مسح ڪرڻ جو تيل. ان کان علاوہ پوري مقدس خيمي ۽ ان جي سموري سامان جي نظرداري سندس ذميواري آهي.“