Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 9:19 - Muslim Sindhi Bible

19 سلوم ولد قوري ولد ابي‌آسف ۽ سندس گھراڻي بني قورح جا ٻيا دربان هيڪل جي دروازن جي نظرداري ڪندا هئا، جهڙيءَ طرح سندن وڏا خداوند جي مقدس خيمي جا دربان هوندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ سلوم بن قوري، بن ابي آسف، بن قورح، ۽ انهيءَ جا ڀائر سندس پيءُ جي گهراڻي مان. يعني قورحي، عبادت جي ڪم جي نظرداري ڪندا هئا، ۽ تنبوءَ جي دروازن جا نگهبان هوندا هئا: ۽ انهن جا ابا خداوند جي لشڪرگاهہ جي نظرداري ڪندا هئا، ۽ اندر گهڙڻ واري در جا نگهبان هوندا هئا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 9:19
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهويدع ڪاهن سالارن کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”هن عورت کي گهلي محافظن جي گھيري ۾ ٻاهر وٺي وڃو ۽ جيڪو بہ هن کي ڇڏائڻ لاءِ اچي تنهن کي ماري ڇڏيو.“ جيئن تہ ڪاهن کين اهو بہ حڪم ڏنو هو تہ هو کيس خداوند جي هيڪل ۾ قتل نہ ڪن،


تڏهن انهن سالارن ائين ئي ڪيو جيئن يهويدع ڪاهن کين حڪم ڏنو هو. هر ڪو پنهنجا پنهنجا ماڻهو جيڪي سبت جي ڏينهن تي ڪم تان لهڻا هئا يا جيڪي ڪم تي چڙهڻا هئا، سي يهويدع ڪاهن وٽ وٺي آيو.


جڏهن بہ پيتي پئسن سان ڀرجي ويندي هئي، تڏهن بادشاهہ جو محرر ۽ سردار ڪاهن ايندا هئا ۽ اهي پئسا ڳڻي ڳوٿرين ۾ وجھي ڇڏيندا هئا.


اهي جلاوطنيءَ جي وقت تائين بادشاهہ جي اوڀر واري دروازي تي بيهندا هئا. انهيءَ کان اڳ اهي بني لاويءَ جي لشڪرگاهہ جا دربان هوندا هئا.


فينحاس ڪاهن ولد اليعزر ڪنهن وقت ۾ انهن دربانن جو نگران هو ۽ ساڻس خدا جو راضپو هو.


جيئن ڪا هرڻي پاڻيءَ جي چشمن لاءِ ٿي سِڪي، اي خدا! تيئن ئي آءٌ تو لاءِ پيو سِڪان.


اي خدا! اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کان پنهنجي ڪنن سان ٻڌو آهي، تہ تو سندن ڏينهن ۾ ڪيڏا نہ عجيب وَ غريب ڪم ڪيا هئا.


اي سموريون قومون! اوهين منهنجي ڳالهہ ٻڌو. اي دنيا جا سڀيئي رهاڪؤ! اوهين مون ڏانهن ڪن ڏيو.


يقيناً تنهنجي بارگاهہ ۾ هڪڙو ڏينهن ٻئي هنڌ جي هزار ڏينهن کان بهتر آهي. بدڪارن جي شاندار خيمن ۾ رهڻ کان، تو خدا جي گھر جو دربان ٿيڻ مون کي وڌيڪ پسند آهي.


خداوند جي گھر ۾ خدا جي ٻانهي حنان ولد يجدلياہ جي مريدن واري ڪوٺيءَ ۾ وٺي آيس. اها ڪوٺي عملدارن جي ڪوٺيءَ جي ڀرسان ۽ دربانن جي نگران مسعياہ ولد سلوم جي ڪوٺيءَ جي مٿان هئي.


بابلي سالار نبوزرادان سردار ڪاهن سراياہ، نائب ڪاهن صفنياہ ۽ دربانن جي ٽن نگرانن کي قيد ڪري پنهنجي ملڪ وٺي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ