34 يونتن کي مريبعل نالي پٽ ڄائو ۽ مريبعل کي ميڪاہ ڄائو.
34 ۽ يونتن جو پٽ مريبعل هو؛ ۽ مريبعل کي ميڪاہ ڄائو؛
سائول جي ٻئي پٽ يونتن کي هڪڙو منڊو پٽ هو، جنهن جو نالو مفيبوست هو. جڏهن سائول ۽ يونتن جي مرڻ جي خبر يزرعيل شهر ۾ پهتي هئي تہ ان وقت هو پنجن سالن جو هو. تڏهن سندس دائي کيس کڻي اُٿي ڀڳي هئي ۽ جيئن ئي هوءَ تڪڙي ٿي ڊوڙي تيئن هو ڪري پيو ۽ ٻنهي ٽنگن کان منڊو ٿي پيو هو.
سو تون پنهنجي پٽن ۽ نوڪرن سميت هن جي لاءِ زمين آباد ڪري پيداوار کڻي اچي کيس ڏجانء، تہ جيئن تنهنجي آقا جي پوٽي جو گذران ٿئي. باقي تنهنجي آقا جو پوٽو مفيبوست پاڻ هميشہ منهنجي دسترخوان تي ماني کائيندو.“ ضيبا کي پندرهن پٽ ۽ ويهہ نوڪر هئا.
مفيبوست کي هڪڙو ننڍڙو پٽ هو، جنهن جو نالو ميڪا هو. ضيبا جي گھراڻي ۾ رهندڙ سڀيئي ماڻهو مفيبوست جا نوڪر هئا.
جڏهن سائول جو پوٽو، يونتن جو پٽ مفيبوست دائود وٽ اچي پهتو، تڏهن ڪنڌ جھڪائي تعظيم ڪيائين. دائود چيس تہ ”اي مفيبوست!“ هن ورندي ڏنس تہ ”اِجھو، اوهان جو ٻانهو حاضر آهي.“
نير کي قيس نالي پٽ ڄائو ۽ قيس کي سائول ڄائو. سائول کي هي پٽ ڄاوا: يونتن، ملڪيشوع، ابينداب ۽ اشبعل.
ميڪاہ جا پٽ هي هئا: فيتون، ملڪ، تاريع ۽ اخز.
يونتن کي مريبعل نالي پٽ هو ۽ مريبعل کي ميڪاہ ڄائو.