Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 7:29 - Muslim Sindhi Bible

29 بيت‌شان، تعناڪ، مجدو ۽ دور شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت بني منسيءَ جي اولهہ واري اڌ قبيلي جي قبضي هيٺ هئا. هي اهي شهر ۽ علائقا آهن جن ۾ يوسف ولد يعقوب جو اولاد رهندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 ۽ بني منسي جي سرحدن جي ڀرسان بيت شان ۽ ان جا شهر، تعناڪ، ۽ ان جا شهر، مجدو، ۽ ان جا شهر، دور، ۽ ان جا شهر، انهن ۾ يوسف بن اسرائيل جو اولاد رهندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 7:29
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اخيلود جو پٽ بعنہ: تعناڪ ۽ مجدو شهرن ۾ ۽ بيت‌شان جي ڀرسان واري انهيءَ سڄي علائقي مٿان، جيڪو ضرتان ڳوٺ جي ويجھو، يزرعيل ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ ويندي ابيل محولہ ۽ يقمعام شهرن تائين آهي.


سليمان بادشاهہ هيڪل ۽ پنهنجي محل جوڙائڻ، صيئون جبل جي هيٺاهينءَ کي هڪ ڪرو ڪرائڻ ۽ يروشلم جي چوڌاري ڪوٽ ڪڍرائڻ ۽ حصور، مجدو ۽ جزر شهرن کي نئين سر تعمير ڪرائڻ لاءِ ماڻهن کي بيگار ۾ لڳايو.


يوسياہ بادشاهہ جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾، مصر جو بادشاهہ نڪوہ اشور جي شهنشاهہ جي جنگ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ يهوداہ ملڪ جي علائقي مان گذرندي فرات نديءَ ڏانهن پئي ويو. يوسياہ بادشاهہ هن سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري آيو. پر نڪوہ جي لشڪر ساڻس مقابلو ڪيو ۽ مجدو وٽ کيس ماري وڌائون.


جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ اخزياہ اهو حال ڏٺو تہ باغ واري گھر جو رستو ڏيئي وٺي ڀڳو. ييهو ان جو پيڇو ڪيو ۽ رڙيون ڪندي چوندو ٿي ويو تہ ”انهيءَ کي بہ ماريو.“ تڏهن جُور جي چاڙهي، جيڪا ابليعام شهر جي ڀرسان آهي، تنهن وٽ ماڻهن هن کي زخمي ڪري وڌو پر هو مجدو شهر ڏانهن ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ اتي ئي مري ويو.


انهيءَ هوندي بہ يوسياہ ڪين مڙيو پر ساڻس جنگ جوٽڻ لاءِ پنهنجو ويس مَٽايائين. هن انهيءَ پيغام ڏانهن ڪوبہ ڌيان ڪونہ ڏنو جيڪو نڪوہ خدا جي حڪم سان هن ڏانهن چوائي موڪليو هو، بلڪ هو مجدو ميدان وٽ ساڻس وڙهڻ لاءِ نڪري آيو.


انهيءَ ڏينهن يروشلم ۾ ايڏو تہ وڏو سوڳ ڪيو ويندو، جهڙيءَ طرح مگدون جي ماٿريءَ ۾ هدد رمون جي لاءِ سوڳ ڪيو ويندو آهي.


پوءِ انهن ناپاڪ روحن بادشاهن کي انهيءَ هنڌ آڻي گڏ ڪيو، جنهن کي عبراني ٻوليءَ ۾ هرمجدون ٿا چون.


تڏهن ڪنعان جا بادشاهہ اسان تي حملو ڪرڻ آيا. هو تعناڪ شهر جي ڀرسان مجدو جي چشمن وٽ اچي وڙهيا. پر اسان کي لُٽڻ‌ڦرڻ سندن نصيب ۾ ئي نہ هو،


هنن اها زرهہ عستارات ديويءَ جي مندر ۾ رکي ۽ سائول جو لاش بيت‌شان شهر جي ديوار سان سوگھو ٻڌي ڇڏيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ