بني حبرون ۾ يرياہ پنهنجي گھراڻي جو وڏو هو. دائود جي بادشاهيءَ جي چاليهين سال تواريخ تي تحقيق ڪئي ويئي تہ بني حبرون واري جِلعاد علائقي جي يعزير شهر ۾ تمام قابل ماڻهو ڏسڻ ۾ آيا.
تو هنن کي بادشاهتون ڏنيون ۽ قومون سندن قبضي هيٺ ڪيون. تو هنن جي بادشاهت جون حدون پري پري تائين وڌائي ڇڏيون. هنن حشبون جي بادشاهہ سيحون جي ملڪ تي، توڙي بسن جي بادشاهہ عوج جي ملڪ تي پڻ قبضو ڪيو.
تنهنجي ڳچي عاج جي ٿنڀي جهڙي آهي، تنهنجيون اکيون حشبون شهر جي انهن تلائن جهڙيون آهن، جيڪي بيتربيم جي دروازي وٽ آهن. تنهنجو نڪ لبنان جي مناري جهڙو آهي، جنهن جو رخ دمشق ڏانهن آهي.
تڏهن موسيٰ يعزير شهر تي پڻ حملي ڪرڻ لاءِ جاسوسي ڪرائي ۽ اهو شهر آسپاس وارن ڳوٺن سميت بني اسرائيل جي قبضي ۾ آندو ويو. اهڙيءَ طرح جيڪي اموري اتي رهندا هئا تن کي ڀڄائي ڪڍيائون.