جڏهن دائود محنايم شهر ۾ پهتو تڏهن سوبي ولد ناحس جيڪو بني عمون جي علائقي جي شهر ربہ جو ويٺل هو، مڪير ولد عميايل جيڪو لودبار شهر جو ويٺل هو ۽ برزلي جِلعادي جيڪو راجليم جو ويٺل هو، سي ساڻس ملڻ آيا.
برزلي اسي سالن جي عمر جو تمام پوڙهو ماڻهو هو. جيئن تہ هو تمام دولتمند ماڻهو هو، سو جڏهن بادشاهہ محنايم شهر ۾ رهيل هو تڏهن هن بادشاهہ کي کاڌخوراڪ پهچائي هئي.