Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 6:8 - Muslim Sindhi Bible

8 صدوق، اخيمعض،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ اخيطوب کي صدوق ڄائو، ۽ صدوق کي اخيمعض ڄائو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 6:8
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاهہ صدوق ڪاهن کي اهو بہ چيو تہ ”تون سٺو سمجھدار آهين، سو تون پنهنجي پٽ اخيمعض ۽ ابي‌ياتر پنهنجي پٽ يونتن سان گڏ، يعني اوهين ٻيئي پنهنجن پٽن سميت سلامتيءَ سان شهر ڏانهن موٽي وڃو.


پوءِ حوسيءَ صدوق ۽ ابي‌ياتر ڪاهنن کي ٻڌايو تہ ابي‌سلوم ۽ بني اسرائيل جي اڳواڻن کي اخيتفل ڪهڙي صلاح ڏني ۽ هن انهن کي ڪهڙي صلاح ڏني.


ابي‌ياتر جو پٽ يونتن ۽ صدوق جو پٽ اخيمعض، ٻئي يروشلم جي ٻاهران عين‌راجل چشمي وٽ رهيا پيا هوندا هئا، انهيءَ لاءِ تہ جيئن ڪو کين شهر ۾ ايندو نہ ڏسي. هڪڙي نوڪرياڻي وڃي انهن کي خبرچار ڏيندي هئي ۽ هو وڃي اها دائود بادشاهہ کي ٻڌائيندا هئا.


جڏهن ابي‌سلوم جا نوڪر انهيءَ گھر ۾ آيا ۽ انهيءَ عورت کان پڇيائون تہ ”اخيمعض ۽ يونتن ڪٿي آهن؟“ تڏهن هن کين ورندي ڏني تہ ”اُهي نهر کان پار ٽپي ويا.“ پوءِ هنن انهن جي ڳولا ڪئي، پر جڏهن کين ڪين لڌائون تڏهن موٽي يروشلم ڏانهن هليا ويا.


تنهن کان پوءِ صدوق جي پٽ اخيمعض يوآب کي چيو تہ ”مون کي موڪل ڏي تہ ڊوڙي وڃي آءٌ بادشاهہ کي خوشخبري ڏيان تہ ڪيئن نہ خداوند سندس دشمنن کان بدلو ورتو آهي.“


تنهن تي صدوق جي پٽ اخيمعض وري بہ يوآب کي چيو تہ ”ڇا بہ ٿي پوي، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ آءٌ بہ سوڊانيءَ جي پٺيان ڊوڙي وڃان.“ يوآب پڇيس تہ ”اي منهنجا پٽ! جڏهن تہ تون ڄاڻين ٿو تہ انهيءَ خبر جي عيوض تو کي ڪوبہ انعام نہ ملندو، تڏهن تون ڇو ٿو وڃڻ چاهين؟“


سوا شاهي محرر هو ۽ صدوق ۽ ابي‌ياتر ڪاهن هئا.


صدوق ولد اخيطوب ۽ اخيملڪ ولد ابي‌ياتر ڪاهن هئا ۽ شراياہ شاهي محرر هو.


اُتي صدوق ڪاهن ۽ ناتن نبي سليمان کي بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ بڻجڻ لاءِ مسح ڪن. پوءِ اوهين نفيلون وڄائي چئجو تہ ’بادشاهہ سليمان زندہ آباد!‘


بادشاهہ دائود صدوق ڪاهن، ناتن نبي، بناياہ ولد يهويدع ۽ شاهي محافظ هن سان گڏ موڪليا ۽ هنن کيس بادشاهہ جي خچر تي سوار ڪيو.


پر صدوق ڪاهن، بناياہ ولد يهويدع، ناتن نبي، شمعي، ريعي ۽ دائود جي محافظن ادونياہ جو ساٿ نہ ڏنو.


سليمان بادشاهہ يهويدع جي پٽ بناياہ کي يوآب جي جاءِ تي لشڪر جو سپهہ‌سالار مقرر ڪيو ۽ ابي‌ياتر جي جاءِ تي صدوق ڪاهن کي رکيائين.


صدوق نالي هڪ دلير جوان مرد پنهنجي گھراڻي جي ٻاويهن سالارن سميت،


دائود بادشاهہ اليعزر جي اولاد مان صدوق ڪاهن ۽ اتمر جي اولاد مان اخيملڪ ڪاهن جي مدد سان ڪاهنن جي ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ بني هارون کي ٽولن ۾ ورهايو.


تڏهن عزرياہ سردار ڪاهن جيڪو صدوق جي گھراڻي مان هو، تنهن ورندي ڏيئي چيو تہ ”جڏهن کان ماڻهن خداوند جي گھر ۾ پنهنجا نذرانا آڻڻ شروع ڪيا آهن، تڏهن کان وٺي اسان جھجھو ئي پئي کاڌو پيتو آهي ۽ گھڻو ڪجھہ بچي بہ پيو آهي. جيئن تہ خداوند پنهنجيءَ قوم کي برڪت ڏني آهي، سو کاڌي کان پوءِ بہ هيترو سارو بچيو پيو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ