جيئن تہ اسان تي اسان جي خدا جو شفقت ڀريو هٿ هو، تنهنڪري لاوي ولد يعقوب جي اولاد مان محلي گھراڻي جي سربياہ نالي هڪ سمجھوءَ کي سندس پٽن ۽ مائٽن سميت هو اسان وٽ وٺي آيا جيڪي ڪل ارڙهن ڄڻا هئا.
هارون جي پٽ اليعزر، فوطيايل جي ڌيئرن مان هڪڙيءَ سان شادي ڪئي. انهيءَ مان کيس فينحاس پيدا ٿيو. اهي سڀ لاوي قبيلي جي ابن ڏاڏن جي گھراڻن جا وڏا هئا جن جي نالن سان گھراڻا ٿيا.
اهو عهد هن سان ۽ هن کان پوءِ سندس اولاد سان هميشہ جي ڪهانت جو عهد آهي، ڇاڪاڻ تہ هن مون پنهنجي خدا جي خاطر غيرت ڪئي ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ادا ڪيائين.“