اهو انهن جي ڪهانت واري خدمت جي ترتيب جو نمونو هو، جڏهن هو خداوند جي هيڪل ۾ داخل ٿيندا هئا. ڪهانت جون اهي خدمتون خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي حڪم سان سندن ابي ڏاڏي هارون سندن لاءِ مقرر ڪيون هيون.
جڏهن هارون ڪفارو ادا ڪرڻ جي لاءِ مقدس ترين جاءِ اندر وڃي، تڏهن جيستائين هو پنهنجي لاءِ، پنهنجي خاندان جي لاءِ ۽ بني اسرائيل جي سڄي قوم جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري ٻاهر نہ اچي، تيستائين ڪوبہ ماڻهو مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اندر نہ هجي.
پوءِ هو انهيءَ رت مان ڪجھہ پنهنجيءَ آڱر سان ست دفعا قربانگاهہ تي ڇٽڪاري. اهڙيءَ طرح هو انهيءَ کي بني اسرائيل جي ناپاڪين کان پاڪ ڪري ۽ مون خداوند جي لاءِ مخصوص بڻائي.“
افرائيم جي جابلو علائقي جي رامہ شهر ۾ افرائيم قبيلي جي صوف گھراڻي جو القانہ نالي هڪڙو شخص رهندو هو. سندس پيءُ جو نالو يروحام ولد اليهو ولد توحو ولد صوف هو.