Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 6:33 - Muslim Sindhi Bible

33 انهن نگرانن جو شجرو هن طرح آهي. قهات جي خاندان مان هيمان ولد يوايل سازندن جو وڏو نگران هو. سندس شجرو هي آهي: هيمان ولد يوئيل ولد سموئيل

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 اهي خدمت ڪرڻ وارا ۽ انهن جا پٽ هي آهن. قهاتين جي پٽن مان ڳائڻ وارو هيمان بن يوايل، بن سموايل؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 6:33
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو لاوين هيمان ولد يو‌ايل، سندس مائٽن مان آسف ولد برڪياہ ۽ سندس مائٽن بني مراريءَ مان ايتان ولد قوسياہ کي مقرر ڪيو.


انهن سڀني مان هيمان، آسف ۽ ايتان ٽليون وڄائي ڳائڻ تي مقرر ٿيا،


دائود بادشاهہ بني اسرائيل جا سڀ اڳواڻ، ڪاهن ۽ لاوي پاڻ وٽ گھرايا.


بادشاهہ چئن هزارن کي دربان مقرر ڪيو ۽ چئن هزارن کي مقرر ڪيائين تہ اهي خداوند جي واکاڻ انهن سازن سان ڪن جيڪي کين پاڻ موجود ڪري ڏنا هئائين.


سموئيل جو وڏو پٽ يوئيل ۽ ننڍو پٽ ابياہ هو.


هو واري واري سان مقدس خيمي يعني خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڳيان پنهنجي ٽولي سان ڳائيندي خدمت ڪندا هئا، جيستائين سليمان يروشلم ۾ هيڪل جوڙائي تيار ڪئي. اهي مقرر قاعدن مطابق خدمت جو ڪم سرانجام ڏيندا هئا.


ولد القانہ ولد يروحام ولد الي‌ايل ولد توح


هيمان جي اولاد مان، يحيئيل ۽ سمعي، يدوتون جي اولاد مان، سمعياہ ۽ عُزي‌ايل.


اي خداوند! اي منهنجا خدا! تون منهنجو بچائيندڙ آهين، ڏينهن رات آءٌ تنهنجي حضور ۾ دانهون ٿو ڪريان.


”لاويءَ جي قبيلي وارن کي ويجھو آڻي هارون ڪاهن جي اڳيان حاضر ڪر، تہ جيئن اهي سندس ماتحت ٿي خدمت ڪن.


تون لاوين کي هارون ۽ سندس پٽن جي حوالي ڪري ڇڏ. بني اسرائيل منجھان اهي سندن خدمت واسطي ئي کين ڏنا ويا آهن.


افرائيم جي جابلو علائقي جي رامہ شهر ۾ افرائيم قبيلي جي صوف گھراڻي جو القانہ نالي هڪڙو شخص رهندو هو. سندس پيءُ جو نالو يروحام ولد اليهو ولد توحو ولد صوف هو.


سو هوءَ پيٽ سان ٿي ۽ کيس پٽ ڄائو. حنہ انهيءَ جو نالو سموئيل رکيو، ڇاڪاڻ تہ چيائين تہ ”مون اهو خداوند کان گھري ورتو آهي.“


تنهنڪري آءٌ هن کي خداوند جي لاءِ وقف ٿي ڪريان. هن کي سندس سڄي حياتيءَ لاءِ خداوند کي ٿي ڏيان.“ پوءِ هوءَ سموئيل کي اتي خداوند جي حضور ۾ ڇڏي هلي ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ