Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 6:31 - Muslim Sindhi Bible

31 دائود بادشاهہ مقدس خيمي وٽ عهد واري صندوق جي پهچڻ کان پوءِ ٽي ماڻهو سازندن جا نگران مقرر ڪيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 ۽ اِهي آهن اُهي، جن کي صندوق جي آرام جي جاءِ تي اچڻ کانپوءِ دائود ڳائڻ جي ڪم تي مقرر ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 6:31
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند جي عهد واري صندوق کي اندر آڻي انهيءَ خيمي جي وچ ۾ سندس جاءِ تي رکيو ويو، جيڪو دائود انهيءَ جي لاءِ ئي کوڙيو هو. دائود خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيون.


هنن خداوند جي عهد واري صندوق، خدا سان ملاقات وارو خيمو ۽ ان جو سمورو مخصوص ڪيل سامان هيڪل ۾ آندو. اهي سڀ شيون ڪاهنن ۽ لاوين کڻي آنديون.


دائود پنهنجي لاءِ ”دائود جي شهر“ ۾ گھر تعمير ڪرايا. هن خدا جي عهد واري صندوق لاءِ پڻ هڪڙي جاءِ تيار ڪرائي، جتي انهيءَ لاءِ هڪڙو تنبو کوڙايائين.


سو دائود، بني اسرائيل جا اڳواڻ ۽ هزارن جي دستن جا فوجي سالار عوبيدادوم جي گھران خداوند جي عهد واري صندوق کڻي اچڻ لاءِ خوشيون ڪندا ويا.


دائود کي توڙي صندوق کڻي هلڻ وارن سڀني لاوين، سڀني ڳائڻن ۽ ڳائڻ وارن جي اڳواڻ ڪنانياہ کي عمدي سڻيءَ جا جبا پهريل هئا. دائود کي سڻيءَ جو مذهبي وڳو پڻ پهريل هو.


هو واري واري سان مقدس خيمي يعني خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڳيان پنهنجي ٽولي سان ڳائيندي خدمت ڪندا هئا، جيستائين سليمان يروشلم ۾ هيڪل جوڙائي تيار ڪئي. اهي مقرر قاعدن مطابق خدمت جو ڪم سرانجام ڏيندا هئا.


لاوين مان ڪي ڪٽنب خداوند جي گھر ۾ ڳائڻ تي مقرر هئا. هنن ڪٽنبن جا وڏا خداوند جي گھر جي حجرن ۾ رهندا هئا. اهي ٻين ڪمن ڪارن کان آجا هوندا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو رات ڏينهن پنهنجي ڪم ۾ رڌل هوندا هئا.


جڏهن رازا خداوند جي گھر جو بنياد وجھي رهيا هئا تڏهن ڪاهن پنهنجيون پوشاڪون پهري شرناين سان ۽ لاوي جيڪي آسف جو اولاد هئا، سي ٽلين سان پنهنجي پنهنجي جاءِ تي خداوند جو حمد ڪرڻ لاءِ اُٿي بيٺا، جيئن بني اسرائيل جي بادشاهہ دائود ترتيب مقرر ڪئي هئي.


ڇاڪاڻ تہ چيائين تہ ”هيءَ ئي هميشہ لاءِ منهنجي آرام‌گاهہ آهي. آءٌ هتي رهي حڪمراني ڪندس، ڇوجو انهيءَ کي پسند ڪيو اٿم.


سو هاڻ اُٿ، اي خداوند! پنهنجي نئين آرام‌گاهہ ۾ هل، پنهنجي قدرت واري صندوق سان انهيءَ هيڪل ۾ داخل ٿيءُ.


پوءِ وري اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي اندرين اڱڻ ۾ وٺي آيو. اتي مون ٻہ ڪمرا ڏٺا جن جا دروازا اندرين اڱڻ ڏانهن ٿي کُليا. هڪڙو ڪمرو اتر واري لنگھہ جي ڀرسان هو جنهن جو رخ ڏکڻ ڏانهن هو ۽ ٻيو ڏکڻ واري لنگھہ جي ڀرسان هو، جنهن جو رخ اتر ڏانهن هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ