Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 5:8 - Muslim Sindhi Bible

8 ۽ بلع جيڪو عزز جو پٽ ۽ سمع جو پوٽو هو ۽ يوايل جي گھراڻي مان هو. هي گھراڻو عروعير شهر ۽ اتر طرف ۾ نبو جبل ۽ بعل‌معون تائين رهندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ بلع بن عزز، بن سمع، بن يوايل، جو عروعير ۾، نبو ۽ بعل معون تائين رهندو هو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 5:8
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يوايل جو پيڙهي بہ پيڙهي اولاد هي آهي: سمعياہ، جوج، شمعي، ميڪاہ، رياياہ، بعل ۽ بيرہ. بيرہ جيڪو روبن قبيلي جو سردار هو تنهن کي اشور جو شهنشاهہ تِگلت پلاسر قيد ڪري پاڻ سان وٺي ويو.


سو ديبون شهر جا رهاڪو ٽڪر تي ٺهيل پنهنجي معبودن جي پوڄا گھرن ۾ وڃي روئڻ پٽڻ لڳا، بلڪ سڄي موآب ملڪ جا ماڻهو پنهنجي شهرن نبو ۽ ميدبا تي واءِ‌ويلا ٿا ڪن. سوڳ وچان سڀني جا مٿا ڪوڙيل آهن، ۽ سڀني جون ڏاڙهيون ڪتريل آهن.


هائو، ارام ملڪ جا سڀ شهر هميشہ جي لاءِ ويران ٿي ويندا. اهي رڍن ٻڪرين جون چراگاهون ۽ وٿاڻ بڻجي ويندا، جتي اهي سلامتيءَ سان رهنديون، ۽ انهن کي ڪوبہ ڊپ ڊاءُ نہ هوندو.


تنهنڪري ڏس، آءٌ موآب ملڪ جي اولهہ طرف واري سرحد دشمنن جي حملي لاءِ کولي ڇڏيندس، انهيءَ لاءِ تہ انهيءَ سرحد جا شهر توڙي ملڪ جا ٻيا شاندار شهر بيت‌يسيموت، بعل‌معون ۽ قريتائم بہ ناس ٿي وڃن.


پوءِ جد قبيلي وارن اتي ڪوٽن وارا هي شهر وري تعمير ڪيا: ديبون، عطارات، عروعير،


نبو ۽ بعل‌معون ۽ سبماہ. جيڪي شهر وري ٺاهيائون تن جا هنن نوان نالا رکيا.


”تون هن عباريم جابلو علائقي تي چڙهي نبو جبل تي وڃ، جيڪو موآب جي ميدان ۾ يريحو شهر جي سامهون آهي. اتان تون ڪنعان جو ملڪ ڏس، جيڪو آءٌ بني اسرائيل کي ورثي طور ڏيڻ وارو آهيان.


پوءِ موسيٰ موآب جي ميدان مان نبو جبل جي پسگاہ نالي چوٽيءَ تي چڙهي ويو، جيڪا يريحو شهر جي سامهون آهي. خداوند هن کي جِلعاد جو سڄو علائقو اتر طرف دان شهر تائين ڏيکاريو.


هڪڙو امورين جو بادشاهہ سيحون هو جيڪو حشبون ۾ ويهي پنهنجي ملڪ تي راڄ ڪندو هو. سندس بادشاهي برساتي نهر ارنون جي ڪناري واري شهر عروعير ۽ انهيءَ نهر جي وچ واري شهر کان وٺي ويندي برساتي نهر يبوق تائين هئي، جيڪا عمونين جي سرحد آهي. ان ۾ اڌ جِلعاد بہ شامل هو.


انهيءَ ۾ حشبون ۽ ان جا ميدان وارا سڀ شهر شامل آهن يعني ديبون، بامات‌بعل ۽ بيت‌بعل‌معون،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ