Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 5:22 - Muslim Sindhi Bible

22 انهيءَ جنگ ۾ هنن گھڻا ئي ماڻهو ماري ڇڏيا، ڇو تہ اها جنگ خدا جي مرضيءَ سان هئي. پوءِ جلاوطنيءَ تائين هو انهيءَ ئي علائقي ۾ رهندا آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 انهيءَ جنگ ۾ گهڻا مارجي ويا، جو اها خدا وٽان هئي. ۽ اُهي هنن جي جاءِ تي رهندا آيا، جيسين ڪ قيد ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 5:22
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي جد! تنهنجي اولاد تي ڌاڙيل اچي حملو ڪندا، پر هو ڦري سندن مٿان ئي حملو ڪري کين ڀڄائي ڪڍندا.


فقحہ جي ڏينهن ۾ اشور جو شهنشاهہ تِگلت پلاسر اسرائيل ملڪ تي ڪاهہ ڪري آيو ۽ عيون، ابيل بيت‌معڪہ، ينوحاہ، قادس ۽ حصور شهر، جِلعاد جو علائقو، گليل ڍنڍ جي آس‌پاس وارو علائقو ۽ نفتاليءَ جو سڄو علائقو قبضي هيٺ ڪيائين ۽ هو ماڻهن کي پڻ قيد ڪري اشور ڏانهن وٺي ويو.


هوسيع جي بادشاهيءَ جي نائين سال اندر، اشور جي شهنشاهہ سامريہ تي قبضو ڪري ورتو ۽ اسرائيل وارن کي قيد ڪري اشور ڏانهن وٺي ويو. هن انهن مان ڪن کي خلح شهر ۾ تہ ڪن کي جوزان علائقي جي خابور نديءَ ويجھو ۽ ڪن کي مادئين جي شهرن ۾ آباد ڪيو.


شمعون قبيلي جي انهن ماڻهن يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڏينهن ۾ اچي بني حام ۽ معونين تي حملو ڪيو ۽ کين رهائش‌گاهن سميت تباهہ ڪري ڇڏيو. پوءِ هو انهن جي جاءِ تي آباد ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ اتي سندن ڌڻن لاءِ چارو موجود هو. اڄوڪي ڏينهن تائين اتي بني حام ۽ معونين جو ڪو نالو نشان ڪونہ آهي.


هنن سندن هي چوپايو مال بہ قبضي ڪيو: پنجاهہ هزار اٺ، اڍائي لک رڍون ٻڪريون ۽ ٻہ هزار گڏهہ. سندن هڪ لک ماڻهو پڻ قيد ڪيائون.


سو بني اسرائيل جي خدا، اشور جي شهنشاهہ تِگلت پلاسر عرف پول کي کڙو ڪيو، جنهن وڃي هنن تي قبضو ڪيو. هن روبين، جدين ۽ منسيءَ جي اڀريندي واري اڌ قبيلي کي جلاوطن ڪري خلح ۽ هارا شهرن ۾ ۽ جوزان علائقي جي خابور نديءَ ويجھو آباد ڪيو، جتي هو اڄ ڏينهن تائين رهيا پيا آهن.


اخيموت جو اولاد پيڙهي بہ پيڙهي هي آهي: القانہ، صوفي، نحت،


فلستين، جُوربعل ۾ رهندڙ عربن ۽ معونين کي شڪست ڏيڻ ۾ خدا سندس مدد ڪئي.


هنن سان رڳو انساني بازو آهن پر جنگ وڙهڻ ۾ اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ خداوند اسان جو خدا اسان سان گڏ آهي.“ بادشاهہ جي انهن لفظن ماڻهن جي ڏاڍي همت‌افزائي ڪئي.


سو انهن سڀني ڳالهين جي نتيجي ۾ اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جو مخالف ٿي سگھندو؟


اوهان مان هڪڙو ئي ماڻهو هزار کي ڀڄائي سگھي ٿو، ڇوجو خداوند اوهان جو خدا اوهان جي پاران وڙهي ٿو، جيئن هن اوهان سان واعدو ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ