1.تواريخ 5:20 - Muslim Sindhi Bible20 جنگ ۾ خدا جي مدد ساڻن هئي، سو خدا سڀني هاجرين ۽ انهن جي اتحادين کي سندن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ جنگ دوران هنن خدا کي ٻاڏايو. خدا سندن دعا ٻڌي، ڇاڪاڻ تہ هنن جو انهيءَ تي ڀروسو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible20 ۽ انهن جي برخلاف هنن کي مدد ملي، ۽ هاجري پنهنجن سڀني ساٿين سميت هنن جي هٿن ۾ ڏنا ويا: ڇالاءِ جو هنن جنگ ۾ خدا کان دعا گهري، ۽ هنن جي دعا خدا قبول ڪئي؛ ڇالاءِ جو هنن جو انهيءَ تي ڀروسو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
سو جنگي گھوڙي گاڏين جي سالارن جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط کي ڏٺو تہ چوڻ لڳا تہ ”اهو ئي اسرائيل جو بادشاهہ آهي.“ سو هو ساڻس وڙهڻ لاءِ سندس گھيرو ڪرڻ لڳا. پر يهوسفط خداوند کي ٻاڏايو جنهن سندس دانهن ٻڌي ۽ جڏهن انهن سالارن ڏٺو تہ اهو اسرائيل جو بادشاهہ ناهي، تڏهن کانئس پري هٽي ويا ۽ مٿس حملو نہ ڪيائون.