Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 4:9 - Muslim Sindhi Bible

9 يعبيض هڪ اهڙو شخص هو جيڪو پنهنجي ڀائرن کان وڌيڪ عزت وارو هو. سندس ماءُ مٿس يعبيض نالو انهيءَ ڪري رکيو جو چيائين تہ ”مون کيس ڏاڍي ڏک سان ڄڻيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ يعبيض پنهنجن ڀائرن کان وڌيڪ عزت آبرو وارو هو: ۽ ماڻس يعبيض نالو هن ڪري ڏنس جو چيائين تہ مون هن کي ڏکن سان ڄڻيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 4:9
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا عورت کي چيو تہ ”آءٌ تنهنجي ويم جي سورن کي گھڻو وڌائيندس. سورن سان تون ٻار ڄڻيندينءَ. پنهنجي مڙس ڏانهن تنهنجو چاهہ ٿيندو ۽ هو تو تي حڪمراني ڪندو.“


سو هن جوان ماڻهوءَ انهيءَ ڪم ڪرڻ ۾ دير ڪانہ ڪئي، ڇو تہ يعقوب جي ڌيءَ تي ڏاڍي دل هئس. هو پنهنجي پيءُ جي گھراڻي ۾ سڀني کان وڌيڪ عزت وارو هو.


جڏهن هوءَ مرڻ تي هئي تڏهن پٽ جو نالو بن‌اوني رکيائين، جنهن بعد هن دم ڏنو. پر يعقوب انهيءَ جو نالو بنيامين رکيو.


هڪ ڏينهن يعبيض بني اسرائيل جي خدا کان دعا گھري تہ ”اي خدا! مون کي برڪت وارو ڪر ۽ هڪ وڏو ملڪ عطا ڪر. تون مون سان گڏ هج ۽ مون کي بڇڙائيءَ کان بچائي رک تہ جيئن مون کي ڪو ڏک نہ پهچي.“ خدا سندس اها دعا قبول ڪئي.


قوض مان عنوب ۽ ضوبيبہ نالي پٽ پيدا ٿيا. هو آخرخيل ولد حروم جي گھراڻن جو وڏو هو.


پوءِ هو پنهنجي زال وٽ ويو تہ اها پيٽ سان ٿي ۽ هڪڙو پٽ ڄڻيائين. انهيءَ جو نالو بريعہ رکيائين، ڇاڪاڻ تہ سندس خاندان ۾ مصيبت اچي ڪڙڪي هئي.


سو پنهنجي والدين کي هميشہ خوش رکو، خاص طور پنهنجي ماءُ کي جنهن اوهان کي ڄڻيو آهي.


جيئن تہ اوهان منهنجيءَ نظر ۾ بيحد قيمتي ۽ معزز آهيو، ۽ منهنجي اوهان سان محبت آهي، تنهنڪري آءٌ اوهان جي بدلي ۾ امتون، ۽ اوهان جي حياتيءَ جي عيوض قومون ڏيئي ٿو ڇڏيان.


اهي يهودي ٿِسلُنيڪي جي يهودين کان وڌيڪ ڪشادي ذهن وارا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو مسيح بابت خدا جو پيغام وڏي شوق سان ٻڌندا هئا ۽ روزانو پاڪ ڪلام پڙهي ڏسندا هئا تہ ائين برابر آهي يا نہ، جيئن پولس چئي رهيو آهي.


هن پنهنجي پٽ جو نالو يڪبود يعني ”بني اسرائيل مان حشمت هلي ويئي“ رکيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي عهد واري صندوق کسجي ويئي هئي ۽ سندس سهرو ۽ مڙس بہ مارجي ويا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ