Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 4:41 - Muslim Sindhi Bible

41 شمعون قبيلي جي انهن ماڻهن يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڏينهن ۾ اچي بني حام ۽ معونين تي حملو ڪيو ۽ کين رهائش‌گاهن سميت تباهہ ڪري ڇڏيو. پوءِ هو انهن جي جاءِ تي آباد ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ اتي سندن ڌڻن لاءِ چارو موجود هو. اڄوڪي ڏينهن تائين اتي بني حام ۽ معونين جو ڪو نالو نشان ڪونہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 ۽ اِهي ناليوار مٿي ذڪر ڪيل يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڏينهن ۾ آيا، ۽ هنن جا تنبو، ۽ معونيم جي اُتي لڌائون، تن کي ماريائون ۽ اڄ ڏينهن تائين بلڪل ناس ڪري ڇڏيائون، ۽ پاڻ اُنهن جي جاءِ تي رهي پيا: ڇالاءِ جو اُتي هنن جي ڌڻن جي لاءِ چارو موجود هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 4:41
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جن ۾ هو چوڌاري وارن سمورن ڳوٺن سميت ويندي بعل تائين رهندا هئا. اها ئي هنن جي رهڻي ڪهڻيءَ جي تواريخ آهي جيڪا وٽن هئي.


انهيءَ جنگ ۾ هنن گھڻا ئي ماڻهو ماري ڇڏيا، ڇو تہ اها جنگ خدا جي مرضيءَ سان هئي. پوءِ جلاوطنيءَ تائين هو انهيءَ ئي علائقي ۾ رهندا آيا.


هنن چوپائي مال جي واڙن تي بہ ڪاهہ ڪئي ۽ تمام گھڻيون رڍون ٻڪريون ۽ اٺ اتان ڪاهي آيا. پوءِ هو يروشلم ڏانهن موٽي آيا.


ڪجھہ عرصي کان پوءِ موآب ۽ عمون جا لشڪر ڪن معونين سان گڏجي يهوسفط سان جنگ ڪرڻ آيا.


فلستين، جُوربعل ۾ رهندڙ عربن ۽ معونين کي شڪست ڏيڻ ۾ خدا سندس مدد ڪئي.


تنهنڪري خداوند تيمان شهر ۾ رهڻ وارن بلڪ ادوم ملڪ جي سڀني رهاڪن خلاف جيڪي رٿيو آهي سو ٻڌو. اوهان جا ٻارڙا اوهان مان ائين ڇڪي ڪڍيا ويندا جيئن ڪنهن ڌڻ مان رڍن جا ٻچا گهلي ڪڍبا آهن. يقيناً ائين ئي ٿيندو، جنهن کي ڏسي اوهان مان هر ڪنهن کي دهشت وٺي ويندي.


هن هڪڙي ئي انسان مان سڀ قومون پيدا ڪيون آهن، تہ جيئن اهي سڄيءَ دنيا ۾ آباد ٿين. هن انهن لاءِ اڳ ۾ ئي خاص وقت ۽ رهڻ لاءِ حدون مقرر ڪيون آهن،


صيدانين، عماليقين ۽ ماعونين پڻ اوهان کي ستايو ۽ اوهان مون کي مدد لاءِ پڪاريو، تڏهن ڇا مون اوهان کي هنن جي هٿن مان ڪونہ ڇڏايو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ