11 سوخہ جي ڀاءُ ڪلوب کي محير نالي هڪڙو پٽ هو. محير کي استون نالي پٽ هو.
11 ۽ سوخہ جي ڀاءُ ڪلوب کي محير ڄائو، جو استون جو پيءُ هو.
هڪ ڏينهن يعبيض بني اسرائيل جي خدا کان دعا گھري تہ ”اي خدا! مون کي برڪت وارو ڪر ۽ هڪ وڏو ملڪ عطا ڪر. تون مون سان گڏ هج ۽ مون کي بڇڙائيءَ کان بچائي رک تہ جيئن مون کي ڪو ڏک نہ پهچي.“ خدا سندس اها دعا قبول ڪئي.
استون کي ٽي پٽ هئا: بيترفا، فاسح ۽ تخنہ. تخنہ عيرنحس شهر جو باني هو. هنن ماڻهن جو اولاد ريڪہ ۾ رهندو هو.