Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 4:10 - Muslim Sindhi Bible

10 هڪ ڏينهن يعبيض بني اسرائيل جي خدا کان دعا گھري تہ ”اي خدا! مون کي برڪت وارو ڪر ۽ هڪ وڏو ملڪ عطا ڪر. تون مون سان گڏ هج ۽ مون کي بڇڙائيءَ کان بچائي رک تہ جيئن مون کي ڪو ڏک نہ پهچي.“ خدا سندس اها دعا قبول ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ يعبيض اسرائيل جي خدا کي سڏي چيو تہ شل تون مون کي سچ پچ برڪت وارو ڪرين، ۽ منهنجي حد وڌائين، ۽ شل تنهنجو هٿ مون سان هجي، ۽ تون مون کي سچ پچ بڇڙائيءَ کان بچائين، تہ مون کي ڏک ڪونہ رسي! ۽ خدا اها سندس دعا قبول ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 4:10
56 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو کي برڪت ڏيندس ۽ تو مان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس. آءٌ تنهنجو نالو روشن ڪندس ۽ تو کي ٻين لاءِ برڪت جو سبب بڻائيندس.


تنهن کان پوءِ اتان نڪري بيت‌ايل شهر جي اوڀر طرف هڪ جابلو علائقي ۾ اچي پنهنجو تنبو کوڙيائين. بيت‌ايل سندس اولهہ طرف هو ۽ عئي شهر سندس اوڀر طرف. اتي هن هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي خداوند جي عبادت ڪئي.


اتي يعقوب خدا سان اقرار ڪيو تہ ”جيڪڏهن تون مون ساڻ هوندين ۽ جيڪو سفر آءٌ ڪريان ٿو تنهن ۾ منهنجي سنڀال ڪندين ۽ مون کي کائڻ لاءِ کاڌو ۽ پائڻ لاءِ ڪپڙا ڏيندين


۽ جيڪڏهن آءٌ صحيح سلامت موٽي پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ ايندس، تہ پوءِ تون خداوند منهنجو خدا ٿيندين.


پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ چيس تہ ”هاڻي مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان، ڇو تہ پرهہ ڦٽي ويئي آهي.“ تنهن تي يعقوب وراڻيس تہ ”آءٌ تيستائين تو کي وڃڻ نہ ڏيندس جيستائين تون مون کي برڪت نہ ڏيندين.“


تڏهن انهيءَ شخص پڇيس تہ ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ هن وراڻيو تہ ”يعقوب.“


هن چيس تہ ”اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ پر اسرائيل سڏيو ويندو، ڇو تہ تون ماڻهن کان علاوہ خدا سان بہ ملهہ وڙهيو آهين ۽ کٽي ويو آهين.“


هن اتي هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي، جنهن جو نالو ايل ايلاسرائيل رکيائين.


سو شال هنن ڇوڪرن کي پنهنجي برڪت عطا ڪري! شل خداوند جو ملائڪ مون جيان کين هر مصيبت کان بچائي! شل منهنجو ۽ منهنجي پيءُ ڏاڏي اسحاق ۽ ابراهيم جو نالو هنن جي وسيلي قائم رهي، شل هو ڌرتيءَ تي وڌي راڄ ٿين!“


اوهين خداوند جو شڪر ڪريو ۽ سندس نالو پڪاريو، اوهين سندس ڪمن کي قومن منجھہ بيان ڪندا رهو.


سوخہ جي ڀاءُ ڪلوب کي محير نالي هڪڙو پٽ هو. محير کي استون نالي پٽ هو.


يعبيض هڪ اهڙو شخص هو جيڪو پنهنجي ڀائرن کان وڌيڪ عزت وارو هو. سندس ماءُ مٿس يعبيض نالو انهيءَ ڪري رکيو جو چيائين تہ ”مون کيس ڏاڍي ڏک سان ڄڻيو آهي.“


آءٌ اهو ماڻهو آهيان، جيڪو دوستن جي کل ٺٺولين جو نشانو بڻيو آهيان. جيتوڻيڪ آءٌ سچار ۽ ڪامل انسان آهيان، ۽ ڪڏهن تہ آءٌ خدا کان دعا گھرندو هئس تہ اهو منهنجي ٻڌندو هو، تنهن جي باوجود اڄ آءٌ کل ٺٺولين جو نشانو بڻجي ويو آهيان.


شال تنهنجو هٿ منهنجي مدد لاءِ سدائين تيار رهي! ڇاڪاڻ تہ مون تنهنجي قاعدن کي چونڊي کنيو آهي.


خداوند تو کي هر بلا کان محفوظ رکندو، هائو، هو تنهنجيءَ جان جي حفاظت ڪندو.


جيڪي کانئس ڊڄندا رهن ٿا، تن جي هو مراد پوري ڪندو. هو سندن فرياد ٻڌي کين بچائي وٺندو.


هن تو کان حياتي گھري، جيڪا تو کيس بخشي ڏني. تو نہ رڳو حياتي ڏنس، بلڪ وڏي ڄمار پڻ عطا ڪري ڇڏيس.


تون مون کي پنهنجي نجات واري خوشي وري عطا ڪر، ۽ راضپي وارو روح عطا ڪر تہ پوريءَ طرح فرمانبردار رهان.


مون سان خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جون ڳالهيون ڪر، تان‌تہ آءٌ خوش ٿيان توڙي جو تو مون کي دٻائي پيڙيو آهي.


پر آءٌ مدد جي لاءِ خداوند پنهنجي خدا کي پڪاريندس، ۽ اهو ئي مون کي بچائيندو.


اي دعائون قبول ڪرڻ وارا! سڄيءَ دنيا جا ماڻهو تو وٽ ايندا.


شال انهيءَ جو نالو سدائين سڳورو رهي، هائو، جيستائين آسمان ۾ سج قائم رهي. شال سندس وسيلي دنيا جي سڀني قومن کي برڪت ملي، ۽ سڀيئي قومون هن لاءِ ڀلائي گھرن.


موسيٰ ۽ هارون ٻيئي خداوند جا ڪاهن هئا، ۽ سموئيل بہ سندس نالو وٺي پڪاريندو هو، سو خداوند انهن جون دعائون قبول ڪندو هو.


گھڻي محنت سان دولتمند ٿي نہ ٿو سگھجي، خداوند جي برڪت ئي دولتمند بڻائي ٿي.


هڪڙو تہ ڪوڙ ۽ فريب کي مون کان پاسي ڪر. ٻيو تہ مون کي نہ گھڻو غريب بڻاءِ ۽ نہ گھڻو دولتمند، بس مون کي منهنجي ضرورت آهر کاڌو عطا فرماءِ.


تنهنڪري اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. اوهين خوف وچان گھٻرايو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو خدا آهيان. آءٌ اوهان کي طاقت عطا ڪندس ۽ اوهان جي مدد ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي پوري حفاظت ڪندس، ۽ اوهان کي بچائيندس.


جڏهن غريب ۽ محتاج ماڻهو پاڻي پيا ڳوليندا، پر پاڻي نہ ملڻ ڪري سندن زبانون اڃ سببان خشڪ ٿي ويون هونديون، تڏهن آءٌ خداوند انهن جون دعائون ٻڌندس. آءٌ بني اسرائيل جو خدا کين وساري نہ ڇڏيندس.


”مون کي پڪاريو تہ آءٌ اوهان کي جواب ڏيان ۽ وڏيون ۽ ڳجھيون ڳالهيون ٻڌايان، جن جي اوهان کي خبر ئي ناهي.


تڏهن پطرس کي عيسيٰ جي چيل ڳالهہ ياد اچي ويئي تہ ”ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ پوءِ تہ پطرس ٻاهر وڃي زاروزار روئڻ لڳو.


اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي، پر جيڪڏهن آزمائش ۾ پئون تہ اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘


۽ چيائين تہ ”ڪاش، اي يروشلم جي وسندي! تون اڄوڪي ڏينهن سڃاڻي وٺين ها تہ تنهنجي سلامتي ڪهڙين ڳالهين ۾ آهي. پر هاڻي تہ اهي تنهنجي اکين کان لڪل آهن.


آءٌ انهن کي دائمي زندگي ڏيان ٿو تنهنڪري اهي ڪڏهن بہ برباد نہ ٿينديون، نڪي ڪو ٻيو اهي مون کان کسي سگھندو.


وري ٽيون دفعو بہ هن کانئس پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنهن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هن ٽيون دفعو کانئس پڇيو هو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! اوهان کي سڀني ڳالهين جي خبر آهي ۽ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ عيسيٰ چيس تہ ”پوءِ منهنجي رڍن کي وڃي چار.


انهيءَ ڪري خدا پنهنجي ٻانهي عيسيٰ کي مخصوص ڪري پهريائين اسان يهودين ڏانهن موڪليو تہ جيئن هو اسان کي اها برڪت عطا ڪري جو اسين سڀني بڇڙاين کان منهن موڙي ڇڏيون.“


پيار ۾ رياڪاري نہ هئڻ گھرجي. اوهين بڇڙائيءَ کان نفرت ڪريو ۽ نيڪيءَ سان دل لڳايو.


جيتوڻيڪ مسيح لاءِ اوهان جي فرمانبرداري سڀني ماڻهن کي معلوم ٿي ويئي آهي، جنهن ڪري آءٌ اوهان مان ڏاڍو خوش آهيان، تنهن هوندي بہ منهنجي اها خواهش آهي تہ اوهين نيڪ ڪمن ۾ سياڻا ۽ خراب ڪمن ۾ اٻوجھہ ٿي رهو.


هي خط ڪرنٿس شهر ۾ خدا جي ڪليسيا ڏانهن لکجي ٿو، يعني اوهان ڏانهن جيڪي عيسيٰ مسيح ۾ پاڪ ڪيا ۽ چونڊيا ويا آهيو. هي انهن سڀني جي نالي پڻ لکجي ٿو جيڪي هر هنڌ خداوند عيسيٰ مسيح جو نالو وٺن ٿا، جيڪو انهن جو ۽ اسان جو خداوند آهي.


شل خدا جي واکاڻ هجي جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو پيءُ آهي، جنهن اسان کي مسيح ۾ آسمان جي هر هڪ روحاني برڪت سان مالا مال ڪيو آهي.


واکاڻ ٿي ڪجي انهيءَ قادر جي، جيڪو اسان ۾ اثر ڪندڙ پنهنجي طاقت موجب اسان جي دعا ۽ سوچ کان گھڻو وڌيڪ ڪم ڪري سگھي ٿو.


انهيءَ سان گڏ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو، جيڪو انهيءَ ڏينهن لاءِ اوهان تي مُهر آهي جڏهن اوهين ڇڏايا ويندا.


خداوند عيسيٰ مون کي اڳتي بہ هر بڇڙائيءَ کان بچائي وٺندو ۽ پنهنجي آسماني بادشاهيءَ ۾ صحيح سلامت پهچائيندو. شل سندس عظمت جي واکاڻ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


آءٌ جن سان پيار ڪندو آهيان تن کي تنبيهہ ۽ سيکت بہ ڏيندو آهيان، تنهنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو.


تڏهن عيليءَ ورندي ڏيئي چيس تہ ”سلامتيءَ سان وڃ. شل بني اسرائيل جو خدا تنهنجي اها مراد پوري ڪري جيڪا تو کانئس گھري آهي.“


سو هوءَ پيٽ سان ٿي ۽ کيس پٽ ڄائو. حنہ انهيءَ جو نالو سموئيل رکيو، ڇاڪاڻ تہ چيائين تہ ”مون اهو خداوند کان گھري ورتو آهي.“


حنہ عيليءَ کي چيو تہ ”اي منهنجا سائين! تنهنجي سر جو قسم تہ آءٌ اها ئي عورت آهيان جنهن هتي تنهنجي ڀر ۾ بيهي خداوند کان دعا گھري هئي.


مون اها دعا هن ٻار جي لاءِ گھري هئي. خداوند کان جيڪا مراد گھري هئم، سا هن پوري ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ