Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 3:16 - Muslim Sindhi Bible

16 يهويقيم جا پٽ يهوياڪين ۽ صدقياہ هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ يهويقيم جا پٽ؛ ان جو پٽ يڪونياہ، انهيءَ جو پٽ صدقياہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 3:16
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوياڪين جي جاءِ تي بابل جي بادشاهہ سندس چاچي متنياہ کي بادشاهہ بڻايو. هن سندس نالو مَٽائي صدقياہ رکيو.


يهويقيم وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو. پوءِ سندس پٽ يهوياڪين سندس جاءِ ٿي بادشاهہ بڻيو.


جڏهن يهوياڪين بادشاهہ ٿيو تڏهن سندس عمر ارڙهن سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل ٽي مهينا بادشاهي ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو نحشتا هو جيڪا يروشلم جي رهاڪو الناتن جي ڌيءَ هئي.


يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين جي جلاوطن ٿيڻ جي ستٽيهين سال، ٻارهين مهيني جي ستاويهين تاريخ تي بابل جي بادشاهہ اويل مرودڪ ولد نبوڪدنضر پنهنجي بادشاهيءَ جي شروع واري سال ۾ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين کي قيد مان آزاد ڪيو.


يوسياہ جا هي چار پٽ هئا: يوحنان، يهويقيم، صدقياہ ۽ يهوآخز.


يهوياڪين، جيڪو بابل ڏانهن قيد ٿي ويو هو تنهن جا پٽ هي هئا: سيالتي‌ايل،


سو خداوند سندن ابن ڏاڏن جي خدا پنهنجي پيغمبرن جي معرفت هنن ڏانهن وقت بوقت پيغام موڪليا، ڇاڪاڻ تہ هن کي پنهنجي قوم ۽ پنهنجي گھر تي رحم آيو.


يهوياڪين جڏهن بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر ارڙهن سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي ٽي مهينا ڏهہ ڏينهن بادشاهي ڪئي. هن اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ جا بادشاهہ يهوياڪين ولد يهويقيم! آءٌ جيئرو خداوند قسم کڻي چوان ٿو تہ جيتوڻيڪ تون منهنجي شاهي اختياريءَ جي نشان طور منڊيءَ مثل آهين تہ بہ آءٌ تو کي پنهنجي آڱر مان لاهي ڦٽو ٿو ڪريان.


ماڻهو چون ٿا تہ ”ڇا اسان جو بادشاهہ يهوياڪين هڪ بيڪار ڀڳل ٿانوَ مثل آهي يا هڪ اهڙي ٿانوَ مثل آهي جنهن جي ڪنهن کي بہ گھرج ناهي؟ هن کي ۽ سندس اولاد کي ڪهڙي سبب هڪ اهڙي ملڪ ۾ اڇلايو ٿو وڃي جنهن بابت هي ڪجھہ بہ نہ ٿا ڄاڻن؟“


بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر صدقياہ ولد يوسياہ کي يهوداہ جو بادشاهہ مقرر ڪيو، جيڪو يهوياڪين ولد يهويقيم جي جاءِ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.


جن ڏينهن ۾ بني اسرائيل جا ماڻهو قيد ٿي بابل ڏانهن جلاوطن ٿي ويا هئا، تن ڏينهن ۾ يوسياہ مان يهوياڪين ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ