Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 3:14 - Muslim Sindhi Bible

14 امُون ۽ يوسياہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 انهيءَ جو پٽ امون، انهيءَ جو پٽ يوسياہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 3:14
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منسي وفات ڪري وڃي ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو. کيس پنهنجي محل جي باغ عزا ۾ دفن ڪيو ويو. پوءِ سندس پٽ امُون سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


جڏهن امُون بادشاهہ ٿيو تڏهن سندس عمر ٻاويهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل ٻہ سال حڪومت ڪئي. سندس ماءُ جو نالو مسلمت هو، جيڪا يطبهي شهر واري حروس نالي شخص جي ڌيءَ هئي.


امُون کي پنهنجي محل جي باغ عزا ۾ سندس لاءِ ٺهيل غار ۾ دفن ڪيو ويو ۽ سندس پٽ يوسياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ بڻيو.


هن جا نوڪر سندس لاش هڪڙي جنگي گھوڙي گاڏيءَ ۾ رکي مجدو کان يروشلم ۾ کڻي آيا ۽ ان جي اڳواٽ کوٽيل قبر ۾ کيس دفن ڪيائون. پوءِ انهيءَ ملڪ جي ماڻهن يوسياہ جي پٽ يهوآخز کي مسح ڪري سندس پيءُ جي جاءِ تي بادشاهہ بڻايو.


بادشاهہ نڪوہ الياقيم ولد يوسياہ کي سندس پيءُ يوسياہ جي جاءِ تي بادشاهہ مقرر ڪيو ۽ انهيءَ جو نالو مَٽائي يهويقيم رکيائين. پوءِ نڪوہ يهوآخز کي مصر ۾ وٺي ويو ۽ هو مرڻ گھڙيءَ تائين اتي ئي رهيو.


يوسياہ جا هي چار پٽ هئا: يوحنان، يهويقيم، صدقياہ ۽ يهوآخز.


جڏهن يوسياہ بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر اٺ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل ايڪٽيهہ سال بادشاهي ڪئي.


يهوداہ ملڪ جي ماڻهن يوسياہ جي پٽ يهوآخز کي سندس پيءُ جي جاءِ تي يروشلم ۾ بادشاهہ بڻايو.


صدقياہ کي جڏهن بادشاهہ بڻايو ويو، تڏهن سندس عمر ايڪيهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل يارهن سال بادشاهي ڪئي.


جڏهن يهويقيم کي يهوداہ جو بادشاهہ بڻايو ويو، تڏهن سندس عمر پنجويهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل يارهن سال بادشاهي ڪئي. هن اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند سندس خدا جي نظر ۾ برا هئا.


يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽ يهوآخز سندس جاءِ تي بادشاهہ بڻيو، پر هو قيد ٿي ٻئي ملڪ ڏانهن جلاوطن ڪيو ويو، تنهن جي باري ۾ خداوند فرمائي ٿو تہ ”هو وري ڪڏهن بہ پنهنجي وطن موٽي ڪونہ ايندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”تنهنڪري يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي دفن ٿيڻ وقت ماڻهو انهيءَ لاءِ هڪٻئي کي هي چئي سوڳ نہ ڪندا تہ ’هاءِ منهنجا ادا! اسان جو بادشاهہ ڇو اسان کي ڇڏي ويو!‘ يا ’هاءِ منهنجي ادي! اسان جي بادشاهہ جو شان وَ شوڪت ڪيڏانهن ويو!‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ