شمعون قبيلي جي انهن ماڻهن يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڏينهن ۾ اچي بني حام ۽ معونين تي حملو ڪيو ۽ کين رهائشگاهن سميت تباهہ ڪري ڇڏيو. پوءِ هو انهن جي جاءِ تي آباد ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ اتي سندن ڌڻن لاءِ چارو موجود هو. اڄوڪي ڏينهن تائين اتي بني حام ۽ معونين جو ڪو نالو نشان ڪونہ آهي.
جڏهن حزقياہ بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر پنجويهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل اوڻٽيهہ سال بادشاهي ڪئي. سندس ماءُ جو نالو ابياہ هو جيڪا زڪرياہ جي ڌيءَ هئي.