12 امصياہ، عزرياہ، يوتام،
12 انهيءَ جو پٽ امصياہ، انهيءَ جو پٽ عزرياہ، انهيءَ جو پٽ يوتام؛
اسرائيل جي بادشاهہ يهوآس ولد يهوآخز جي بادشاهيءَ جي ٻئي سال، يهوداہ جي بادشاهہ يوآس جو پٽ امصياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو.
پوءِ يهوداہ جي سڀني ماڻهن عُزياہ کي سندس پيءُ امصياہ جي جاءِ تي بادشاهہ بڻايو. ان وقت سندس عمر سورهن سال هئي.
پوءِ فقحہ ولد رملياہ خلاف هوسيع ولد ايلہ سازش ڪئي ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيائين. يوتام ولد عُزياہ جي بادشاهيءَ جي ويهين سال هوسيع پاڻ اسرائيل جو بادشاهہ بڻيو.
اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ ولد رملياہ جي بادشاهيءَ جي ٻئي سال، يوتام ولد عُزياہ يهوداہ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.
خداوند عُزياہ بادشاهہ کي ڪوڙهہ جهڙي بيماريءَ سان سٽي وڌو، جيڪا باقي سڄي زندگي کيس لڳي رهي. هو ڌار گھر ۾ رهندو هو ۽ سندس پٽ يوتام شاهي محل جو ڪاروبار سنڀاليندو هو ۽ ملڪ جو انتظام هلائيندو هو.
عُزياہ وفات ڪري ويو ۽ کيس پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو. سندس پٽ يوتام سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.
يهورام، اخزياہ، يوآس،
آخز، حزقياہ، منسي،
امصياہ پنجويهن سالن جي عمر ۾ بادشاهہ بڻيو ۽ يروشلم ۾ رهي اٽڪل اوڻٽيهہ سال بادشاهي ڪيائين. سندس ماءُ جو نالو يهوعدان هو جيڪا يروشلم جي رهندڙ هئي.
پوءِ يهوداہ جي سڀني ماڻهن امصياہ جي پٽ عُزياہ کي سندس پيءُ جي جاءِ تي بادشاهہ بڻايو.
يوتام جڏهن بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر پنجويهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل سورهن سال بادشاهي ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو يروسا هو، جيڪا صدوق جي ڌيءَ هئي.