Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 3:11 - Muslim Sindhi Bible

11 يهورام، اخزياہ، يوآس،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 انهيءَ جو پٽ يورام، انهيءَ جو پٽ اخزياہ، انهيءَ جو پٽ يوآس؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 3:11
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوسفط وفات ڪري وڃي پنهنجن وڏن سان آرامي ٿيو ۽ کيس دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو. پوءِ سندس پٽ يهورام سندس جاءِ تي بادشاهہ بڻيو.


يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط جي بادشاهيءَ جي سترهين سال اخزياہ ولد اخي‌اب اسرائيل جو بادشاهہ مقرر ٿيو ۽ هن اسرائيل تي اٽڪل ٻہ سال بادشاهي ڪئي.


پر بادشاهہ يهورام جي ڌيءَ يهوسبع، جيڪا اخزياہ جي ڀيڻ هئي تنهن اخزياہ جي پٽ يوآس کي بچائي ورتو، جيڪو بادشاهہ جي ٻئي اولاد سان گڏ قتل ٿيڻ وارو هو. هن يوآس ۽ سندس دائيءَ کي سمهڻ واري ڪمري ۾ وٺي وڃي لڪائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح هو مرڻ کان بچي ويو.


جڏهن يوآس بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن سندس عمر ست سال هئي.


اسرائيل جي بادشاهہ ييهوءَ جي بادشاهيءَ جي ستين سال، يوآس يهوداہ تي بادشاهہ بڻيو ۽ هن اٽڪل چاليهہ سال يروشلم ۾ رهي بادشاهي ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو ضبياہ هو، جيڪا بيرسبع شهر جي هئي.


اسرائيل جي بادشاهہ يورام ولد اخي‌اب جي بادشاهيءَ جي پنجين سال يهوسفط کان پوءِ سندس پٽ يهورام يهوداہ ملڪ جو بادشاهہ ٿيو.


سو يهورام وڃي پنهنجي ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو ۽ کيس انهن جي ڀرسان دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو. سندس پٽ اخزياہ انهيءَ جي جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


اسرائيل جي بادشاهہ يورام ولد اخي‌اب جي بادشاهيءَ جي ٻارهين سال اخزياہ ولد يهورام يهوداہ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.


سليمان کان وٺي سلسلو هن ريت آهي: سليمان، رحبعام، ابياہ، آسا، يهوسفط،


يهوسفط وفات ڪري ويو ۽ کيس سندس ابن ڏاڏن سان گڏ دائود جي شهر ۾ دفنايو ويو. سندس جاءِ تي سندس پٽ يهورام بادشاهہ بڻيو.


سو اهي يهوداہ تي چڙهائي ڪري آيا ۽ منجھس ڪاهي پيا. بادشاهہ جي محل مان جيڪو مال کين هٿ آيو سو ۽ سندس پٽ ۽ زالون بہ پاڻ سان کڻي هليا ويا. سڀني کان ننڍي پٽ اخزياہ کان سواءِ سندس ڪو اولاد باقي نہ بچيو.


سو يورام پنهنجي زخمن جي علاج لاءِ موٽي يزرعيل شهر ۾ آيو. بادشاهہ اخزياہ کانئس پڇڻ لاءِ وٽس آيو.


يوآس ستن سالن جي عمر ۾ بادشاهہ بڻيو ۽ يروشلم ۾ رهي اٽڪل چاليهہ سال بادشاهي ڪيائين. سندس ماءُ جو نالو ضبياہ هو، جيڪا بيرسبع شهر جي رهاڪو هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ