10 سليمان کان وٺي سلسلو هن ريت آهي: سليمان، رحبعام، ابياہ، آسا، يهوسفط،
10 ۽ سليمان جو پٽ رحبعام هو، ۽ انهيءَ جو پٽ ابياہ، انهيءَ جو پٽ آسا، انهيءَ جو پٽ يهوسفط؛
تنهن بعد هو وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان ستو ۽ کيس پنهنجي پيءُ دائود جي شهر ۾ دفنايو ويو. پوءِ سندس پٽ رحبعام سندس تخت تي ويٺو.
رحبعام وفات ڪري وڃي پنهنجن وڏن سان آرامي ٿيو ۽ کيس دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو. سندس پٽ ابياہ سندس جاءِنشين ٿيو.
پوءِ آسا وفات ڪري وڃي پنهنجن وڏن سان آرامي ٿيو ۽ کيس پنهنجي ڏاڏي دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو. سندس پٽ يهوسفط سندس جاءِ تي تختنشين ٿيو.
جيڪا جنگ رحبعام ۽ يربعام جي وچ ۾ شروع ٿي هئي، سا ابياہ جي بادشاهي دوران بہ هلندي رهي. ابياہ جي حڪومت ۾ جيڪي واقعا ٿيا ۽ ٻيا ڪم جيڪي هن ڪيا سي ”يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.
ابياہ وفات ڪري وڃي پنهنجن وڏن سان آرامي ٿيو ۽ کيس دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو. سندس جاءِ تي سندس پٽ آسا تختنشين ٿيو.
يهورام، اخزياہ، يوآس،
انهن کان علاوہ دائود کي سندس سريتن مان بہ پٽ ڄاوا. کيس تمر نالي هڪڙي ڌيءَ بہ هئي.
اسرائيل جي بادشاهہ يربعام جي بادشاهيءَ جي ارڙهين سال ابياہ يهوداہ ملڪ جو بادشاهہ بڻيو.
پوءِ ابياہ وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو ۽ کيس دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو. سندس پٽ آسا سندس جاءِ تي بادشاهہ بڻيو. هن جي ڏينهن ۾ ڏهن سالن تائين ملڪ ۾ امن وَ امان رهيو.
آسا جو پٽ يهوسفط سندس جاءِ تي بادشاهہ بڻيو ۽ اسرائيل جي خلاف پنهنجي طاقت ۾ اضافو ڪيائين.