Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 29:9 - Muslim Sindhi Bible

9 تڏهن پنهنجي اڳواڻن جي رضامنديءَ سان نذرانا ڏيڻ تي ماڻهن خوشيون ڪيون، ڇاڪاڻ تہ انهن پنهنجي پوريءَ دل ۽ رضا خوشيءَ سان خداوند جي لاءِ ڏنو. دائود بادشاهہ بہ ڏاڍو سرهو ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 تڏهن ماڻهن خوشيون ڪيون، جو رضامنديءَ سان ڏنائون، ڇالاءِ جو انهن پوريءَ دل سان ۽ رضامنديءَ سان خداوند جي لاءِ ٿي ڏنو: ۽ دائود بادشاهہ بہ ڏاڍو سرهو ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 29:9
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اوهين خداوند پنهنجي خدا سان مڪمل وفادار رهو، هن جي قانونن تي هلو ۽ سندس حڪمن تي عمل ڪريو، جيئن اڄڪلهہ اوهين ڪريو ٿا.“


پوءِ اهي پئسا ڀلي جيڪو بہ ڪاهن وصول ڪري، سو انهن مان خداوند جي هيڪل ۾ جتي جتي بہ ڀڳ‌ٽٽ نظر اچي ان جي مرمت ڪرائي.“


دائود سڄيءَ قوم جي اڳيان خداوند جي واکاڻ ڪندي چيو تہ ”اي خداوند، اسان جي پيءُ يعقوب جا خدا! ازل کان ابد تائين تنهنجي واکاڻ هجي.


اي منهنجا خدا! آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون دلين کي جاچيندو آهين ۽ سچائيءَ مان خوش ٿيندو آهين. هي سڀ شيون مون رضا خوشيءَ سان ۽ نيڪ نيتيءَ سان ڏنيون آهن. هاڻ مون کي اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي تہ تنهنجي قوم، جيڪا هتي حاضر آهي تنهن ڪيئن نہ تنهنجي حضور ۾ رضا خوشيءَ سان نذرانا آندا آهن.


ٽيون عمسياہ بن زڪري، جنهن رضاڪارانہ طور تي پاڻ کي خداوند جي خدمت لاءِ پيش ڪيو سو ٻہ لک جنگي جوڌن سميت،


انهيءَ اعلان جي ڪري عام ماڻهو ۽ سندن اڳواڻ سڀ بيحد خوش ٿيا ۽ پنهنجو ڏنُ آڻي انهيءَ پيتيءَ ۾ وجھندا رهيا، ايستائين جو اها ڀرجي ويئي.


جڏهن بادشاهہ حزقياہ ۽ سندس عملدارن اچي اهو ڏٺو، تڏهن خداوند جي واکاڻ ڪيائون ۽ بني اسرائيل قوم کي دعا ڏنائون.


انهن جي سڀني پاڙيسرين چاندي ۽ سون جي شين ۽ ٻين قيمتي شين، سيڌي سامان، ضروري استعمال جي شين ۽ جانورن سان سندن مدد ڪئي. انهن شين کان علاوہ کين خداوند جي گھر لاءِ نذرانا بہ ڏنائون.


تنهنجي جنگ ڪرڻ واري ڏينهن تي تنهنجا ماڻهو پاڻ کي پيش ڪندا. هائو، تنهنجا جوان پاڪيزگيءَ جي جمال سان تو وٽ پيش ٿيندا. جيئن صبح جو سوير تازگي ڏيندڙ ماڪ پوي ٿي، تيئن ئي اهي نوجوان تازگيءَ واري حالت ۾ تو وٽ ايندا.


اهڙيءَ طرح بني اسرائيل جي سڀني مردن ۽ عورتن، جن جي دل چاهيو سي پنهنجي خوشيءَ سان خداوند جي لاءِ، انهن ڪمن واسطي نذرانو کڻي آيا، جن جي ڪرڻ جو خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.


هو جڏهن گھر پهچي ٿو تہ سڀني دوستن ۽ پاڙيسرين کي سڏي چوي ٿو تہ ’مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ مون پنهنجي وڃايل رڍ لڌي آهي.‘


مون اهي ڳالهيون انهيءَ ڪري اوهان کي ٻڌايون آهن تہ جيئن اوهان کي پوري خوشي حاصل ٿئي جهڙي مون کي آهي.


جيڪڏهن ڏيڻ جي نيت هوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو تنهن موجب خدا سندس نذرانو قبول ڪندو، نڪي انهيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آهي.


آءٌ شاهدي ٿو ڏيان تہ انهن پنهنجي حيثيت آهر، بلڪ پنهنجي حيثيت کان بہ وڌيڪ ڏنو ۽ پاڻمرادو ڏنو.


تنهنڪري اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين، جن جو آءٌ سڪايل آهيان ۽ جيڪي منهنجي خوشي ۽ تاج آهيو، سي اي عزيزؤ! خداوند عيسيٰ ۾ انهيءَ طرح ئي قائم رهو.


آءٌ خداوند عيسيٰ ۾ نهايت خوش آهيان، جو اوهان کي منهنجو ساٿ ڏيڻ لاءِ نئين سر ڳڻتي پيدا ٿي. بيشڪ اڳي بہ اوهان کي اهڙي ڳڻتي هئي، پر انهيءَ کي ظاهر ڪرڻ جو گھڻي وقت کان اوهان کي موقعو نہ ٿي مليو.


پوءِ بہ آءٌ بيحد شڪر ڪريان ٿي بني اسرائيل جي انهن سالارن ۽ سپاهين لاءِ، جيڪي پنهنجي رضا خوشيءَ سان لشڪر ۾ اچي ڀرتي ٿيا. خداوند جي واکاڻ هجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ