1.تواريخ 29:30 - Muslim Sindhi Bible30 انهن لکتن مان خبر پوي ٿي تہ هن ڪيئن حڪومت ڪئي ۽ هو ڪيڏو نہ طاقتور هو. جيڪي ڪجھہ هن سان، بني اسرائيل سان ۽ آسپاس جي بادشاهتن سان ٿي گذريو تنهن جو پڻ پتو پوي ٿو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible30 يعني سندس ساري حڪومت ۽ زور، ۽ جيڪو زمانو هن تي، ۽ اسرائيل تي، ۽ دنيا جي سڀني بادشاهن تي ٿي گذريو، سو سڀ لکيل آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهيءَ کان علاوہ هڪ پاڪ نگهبان کي توهان آسمان مان هيٺ لهندي ڏٺو، جنهن چيو تہ ’هن وڻ کي وڍي ڪيرايو وڃي ۽ انهيءَ کي ناس ڪيو وڃي. پر انهيءَ جي ٿُڙ کي ان جي پاڙن سميت زمين ۾ ئي لڳل ڇڏيو وڃي. اهو لوهہ ۽ پتل جي پٽ سان ٻڌل ڀلي ٻنيءَ جي سائي گاهہ ۾ پيو هجي. هائو، ڀلي تہ اهو شخص آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان آلو ٿيندو رهي ۽ ڀلي تہ حيوانن سان گڏ جھنگ ئي سندس حصو ٿئي، ايستائين جو مٿس ست سال گذري وڃن.‘
ماڻهو توهان کي انساني معاشري مان هڪالي ڪڍندا ۽ توهان جو رهڻ جھنگ جي جانورن سان ٿيندو. توهين ڍڳن وانگر گاهہ چرندا ۽ آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسندا رهندا. ائين توهان تي ست سال گذري ويندا، ايستائين جو توهين قبول ڪريو تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي تنهن کي حاڪميت عطا ڪري ٿو.