Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 29:3 - Muslim Sindhi Bible

3 انهيءَ کان علاوہ مون پنهنجي ذاتي خزاني مان پنهنجي خدا جي گھر سان چاهہ سبب سون ۽ چاندي پڻ مهيا ڪري ڏني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 انهيءَ کان سواءِ وڌيڪ، ڇالاءِ جو مون کي خدا جي گهر جي لنؤ لڳي، ۽ مون وٽ سون ۽ چانديءَ جو خانگي خزانو آهي، تنهنڪري آءٌ انهيءَ کي بہ انهن سڀني شين کانسواءِ جي مون پاڪ گهر جي لاءِ تيار ڪيون آهن، سي پنهنجي خدا جي گهر لاءِ ڏيان ٿو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 29:3
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاهہ يوآس سڀني ڪاهنن کي گھرائي حڪم ڏنو تہ ”اهي پئسا جيڪي خداوند جي هيڪل ۾ نذراني طور آندا وڃن ٿا، يعني باقاعدي قربانين وارا پئسا ۽ خوشيءَ وارين قربانين جا پئسا سي اوهين گڏ ڪريو.


پر دائود بادشاهہ کيس وراڻيو تہ ”ائين نہ ٿيندو. آءٌ انهيءَ لاءِ رقم ڏيندس. آءٌ اهڙي ڪابہ قرباني خداوند لاءِ پيش نہ ڪندس جيڪا تنهنجي ملڪيت هجي ۽ اهڙي ڪابہ شيءِ خداوند لاءِ نہ وٺندس جنهن جي لاءِ مون رقم نہ ڏني هجي.“


سو مون پنهنجي وس آهر پنهنجي خدا جي لاءِ سون جي شين واسطي سون، چانديءَ جي شين واسطي چاندي، پتل جي شين لاءِ پتل، لوهہ جي شين لاءِ لوهہ، ڪاٺ جي شين لاءِ ڪاٺ، سليماني پٿر، جڙاوت لاءِ قيمتي پٿر، شب‌چراغ، هيرا ۽ هر قسم جا رنگين پٿر ۽ گھڻي مقدار ۾ اڇو سنگ‌مرمر مهيا ڪري رکيو آهي.


مون هڪ لک ڪلوگرام کان وڌيڪ عمدو سون ڏنو آهي ۽ ٻہ لک چاليهہ هزار ڪلوگرام خالص چاندي ڏني اٿم جن سان هيڪل جي ڀتين کي مڙهيو ويندو،


اي خداوند! جتي تون رهين ٿو، هائو، جنهن جاءِ ۾ تنهنجو جلوو ٿو چمڪي، تنهن سان آءٌ پيار ڪريان ٿو.


آءٌ خداوند کي رڳو هڪڙو عرض ٿو ڪريان، جيڪو آءٌ چاهيندو ٿو رهان. منهنجو عرض اهو آهي تہ سڄي ڄمار آءٌ سندس گھر ۾ رهان، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ خداوند جو جمال پسان، ۽ سندس هيڪل ۾ سندس ئي طلب ۾ رهان.


اي قادرِمطلق خداوند! تنهنجو گھر ڪيڏو نہ دلڪش آهي!


يقيناً تنهنجي بارگاهہ ۾ هڪڙو ڏينهن ٻئي هنڌ جي هزار ڏينهن کان بهتر آهي. بدڪارن جي شاندار خيمن ۾ رهڻ کان، تو خدا جي گھر جو دربان ٿيڻ مون کي وڌيڪ پسند آهي.


”بني اسرائيل کي چئُہ تہ اهي منهنجي لاءِ نذرانو آڻين. هر هڪ ماڻهو پنهنجي دل جي خوشيءَ سان جيڪو بہ نذرانو آڻي، سو تون منهنجي لاءِ هن کان وٺ.


هو اسان جي قوم سان گھڻو پيار ڪري ٿو ۽ اسان جو عبادت‌خانو بہ هن ئي ٺهرايو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ