Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 29:2 - Muslim Sindhi Bible

2 سو مون پنهنجي وس آهر پنهنجي خدا جي لاءِ سون جي شين واسطي سون، چانديءَ جي شين واسطي چاندي، پتل جي شين لاءِ پتل، لوهہ جي شين لاءِ لوهہ، ڪاٺ جي شين لاءِ ڪاٺ، سليماني پٿر، جڙاوت لاءِ قيمتي پٿر، شب‌چراغ، هيرا ۽ هر قسم جا رنگين پٿر ۽ گھڻي مقدار ۾ اڇو سنگ‌مرمر مهيا ڪري رکيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 هاڻي مون پنهنجي وت آهر پنهنجي خدا جي گهر جي واسطي سون جي شين لاءِ سون، چانديءَ جي شين لاءِ چاندي، پتل جي شين لاءِ پتل، لوهہ جي شين لاءِ لوهہ، ڪاٺ جي شين لاءِ ڪاٺ، عقيق، ۽ جڙيل پٿر، ۽ ميناڪاريءَ لاءِ رنگين پٿر، ۽ سڀ ڪنهن قسم جا قيمتي پٿر، ۽ گهڻو سنگ مرمر تيار ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 29:2
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ زمين جو سون نج آهي ۽ اتان موتي ۽ عقيق بہ ملن ٿا.


منهنجي پٽ سليمان کي دلي چاهہ عطا ڪر تہ هو تنهنجي حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪري ۽ انهيءَ هيڪل کي مڪمل ڪري جنهن جي لاءِ مون پوري تياري ڪئي آهي.“


انهيءَ کان علاوہ مون پنهنجي ذاتي خزاني مان پنهنجي خدا جي گھر سان چاهہ سبب سون ۽ چاندي پڻ مهيا ڪري ڏني آهي.


هن انهيءَ هيڪل کي قيمتي پٿرن ۽ پروائم ملڪ مان گھرايل سون سان سينگاريو.


يقيناً چاندي کاڻ مان کوٽي ڪڍي وڃي ٿي، ۽ سون لاءِ بہ ڪا جاءِ آهي جتي ان کي صاف ڪيو وڃي ٿو.


نج سون سان بہ ان جو ملهہ نہ ٿو ڪٿي سگھجي، نڪي قيمتي سليماني پٿر يا نيلم سان.


تون انهيءَ ۾ قيمتي هيرا جواهر جڙائج، جن جون چار قطارون هجن. پهرينءَ قطار ۾ لعل، پکراج ۽ شب‌چراغ هجن.


چوٿينءَ قطار ۾ فيروزو، سليماني پٿر ۽ زبرجد هجي. اهي سون جي خانن ۾ جڙيا وڃن.


تون ٻن سليماني پٿرن تي يعقوب جي ٻارهن پٽن جا نالا اُڪرائج.


۽ چوٿينءَ قطار ۾ فيروزو، سليماني پٿر ۽ زبرجد. اهي سون جي خانن ۾ جڙيل هئا.


هنن سليماني پٿر جا ٽڪرا گھڙي سون جي خانن ۾ جڙي ڇڏيا. انهن تي يعقوب جي ٻارهن پٽن جا نالا اُڪريا ويا، جيئن منڊي اُڪربي آهي.


اوهين جيڪو بہ ڪم ڪريو، سو دل وَ جان سان ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهين جلد ئي مئلن جي دنيا ڏانهن هليا ويندا، جتي نہ ڪو ڪم ڪار آهي، نڪو ڪو سوچ ويچار، نڪو علم آهي ۽ نہ ئي وري ڪا ڏاهپ.


انهيءَ ڪري سڄي شام صوبي ۾ بہ هن جي هاڪ پئجي ويئي. تنهنڪري ڪيترائي ماڻهو هن وٽ بيمارن کي وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون هيون، جهڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگي وارا. انهن سڀني کي عيسيٰ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.


آءٌ شاهدي ٿو ڏيان تہ انهن پنهنجي حيثيت آهر، بلڪ پنهنجي حيثيت کان بہ وڌيڪ ڏنو ۽ پاڻمرادو ڏنو.


جيڪي بہ ڪريو سو دل سان ڪريو، ائين سمجھو تہ خداوند عيسيٰ جي لاءِ ٿا ڪريو، نہ ماڻهن جي لاءِ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ