1.تواريخ 29:18 - Muslim Sindhi Bible18 اي خداوند، اسان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جا خدا! پنهنجي قوم جي دل ۾ اها خواهش هميشہ لاءِ ڄمائي رک ۽ انهن جي دلين کي پاڻ ڏانهن وفادار رک. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible18 اي خداوند، اسان جي ابن ڏاڏن جا خدا، يعني ابرهام، اسحاق، ۽ اسرائيل جا خدا، پنهنجي قوم جي دل جي خيال ۽ رويا ۾ اها ڳالهہ سدائين ڄمائي رک، ۽ سندن دل کي پنهنجي لاءِ تيار ڪر: အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صافدليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.