Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 29:14 - Muslim Sindhi Bible

14 آءٌ ڪير آهيان ۽ منهنجي قوم ڪير آهي جو اسين هيترو سارو نذرانو ڏيئي سگھون؟ هر ڪا شيءِ تو وٽان ئي ملي ٿي ۽ تو کان ئي مليل شين مان اسان تو کي ڏنو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 پر آءٌ ڪير آهيان، ۽ منهنجي قوم ڪير آهي، جو اسين هن طرح رضامنديءَ سان نذرانو ڏيون؟ ڇالاءِ جو سڀ شيون تو وٽان آهن، ۽ تنهنجي ئي شين مان اسان توکي ڏنو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 29:14
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جتي مون هي يادگار پٿر کوڙيو آهي اتي تنهنجي عبادت‌گاهہ ٿيندي ۽ جيڪي ڪجھہ تون مون کي ڏيندين تنهن جو ڏهون حصو آءٌ تو کي ڏيندس.“


تو جيڪا هيڏي ساري وفا ۽ شفقت پنهنجي ٻانهي تي ڪئي آهي، آءٌ تہ انهيءَ جي ذري جو بہ لائق نہ آهيان، ڇو تہ جڏهن آءٌ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر ويو هئس تہ مون وٽ رڳو منهنجي لٺ هئي، پر هاڻ تہ مون وٽ ٻہ ٽولا ٿي ويا آهن.


تڏهن دائود بادشاهہ خيمي اندر لنگھي وڃي عهد واري صندوق وٽ خداوند جي حضور ۾ ويٺو ۽ هي دعا گھري چوڻ لڳو تہ ”اي خداوند خدا! تو مون کي جنهن درجي تي آندو آهي، آءٌ انهيءَ جي لائق ناهيان، نہ ئي وري منهنجو خاندان انهيءَ لائق آهي.


تڏهن دائود بادشاهہ خيمي اندر لنگھي وڃي عهد واري صندوق وٽ خداوند جي حضور ۾ ويٺو ۽ دعا گھرندي چوڻ لڳو تہ ”اي خداوند خدا! تو مون کي جنهن درجي تي آندو آهي، آءٌ انهيءَ جي لائق ناهيان، نہ ئي وري منهنجو خاندان انهيءَ لائق آهي.


هاڻ اي اسان جا خدا! اسين تنهنجو شڪر ڪريون ٿا ۽ تنهنجي عظمت واري نالي جي واکاڻ ڪريون ٿا.


بيشڪ، اسين تنهنجي نظر ۾ مهمان ۽ مسافر آهيون، جيئن اسان جا ابا ڏاڏا هئا. اسان جي عمر هن دنيا ۾ پاڇي وانگر آهي، جيڪا هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندي.


اي خداوند! اسان جا خدا، هي سڄو انبار جيڪو اسان لڳايو آهي تہ تنهنجي پاڪ نالي جي لاءِ هڪڙو گھر تعمير ڪريون، سو تو وٽان ئي مليو آهي ۽ اهو سڀ ڪجھہ تنهنجو ئي آهي.


تڏهن پنهنجي اڳواڻن جي رضامنديءَ سان نذرانا ڏيڻ تي ماڻهن خوشيون ڪيون، ڇاڪاڻ تہ انهن پنهنجي پوريءَ دل ۽ رضا خوشيءَ سان خداوند جي لاءِ ڏنو. دائود بادشاهہ بہ ڏاڍو سرهو ٿيو.


جيڪو گھر آءٌ تعمير ڪرائڻ وارو آهيان سو تمام عاليشان هوندو، ڇو تہ اسان جو خدا سڀني معبودن کان وڌيڪ عظيم آهي.


اسان جي لاءِ نہ اي خداوند! اسان جي لاءِ نہ، بلڪ پنهنجي دائمي شفقت ۽ سچائيءَ جي واسطي، تون رڳو پنهنجي نالي جي لاءِ پنهنجي عظمت کي ظاهر ڪر.


پر موسيٰ خدا کي چيو تہ ”آءٌ ڪير ٿيندو آهيان جو فرعون وٽ وڃان ۽ بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي اچان؟“


تڏهن چوڻ لڳو تہ ”ڇا هي اهو عظيم بابل شهر ناهي، جيڪو مون ئي پنهنجي اختياريءَ جي طاقت سان جوڙايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهو منهنجي گاديءَ جو شهر ۽ منهنجي شان وَ شوڪت جو نمونو ٿئي؟“


ڇاڪاڻ تہ سڄيءَ دنيا جي چاندي توڙي سون مون قادرِمطلق خداوند جو آهي.


بيشڪ سڀيئي شيون خدا جون ئي پيدا ڪيل آهن، انهيءَ جي ڪري ئي وجود ۾ آهن ۽ انهيءَ جي لاءِ ئي آهن. شل خدا جي عظمت جي واکاڻ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


هر آچر جي ڏينهن تي اوهان مان هر هڪ پنهنجي ڪمائيءَ آهر ڪجھہ بچائي پاڻ وٽ رکي تہ جيئن منهنجي اچڻ تي چندي گڏ ڪرڻ جي ضرورت نہ پوي.


ائين نہ آهي تہ اسين پنهنجو پاڻ انهيءَ لائق آهيون جو ڪنهن ڪم جي دعويٰ ڪري سگھون، پر اسان جي لياقت خدا جي طرفان آهي.


پوءِ اوهين انهيءَ برڪت موجب، جيڪا خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏني هجي، پنهنجي خوشيءَ سان نذرانو آڻي سندس حضور ۾ لاباري جي عيد ملهائجو.


بلڪ هر هڪ ماڻهو خداوند پنهنجي خدا جي ڏنل برڪت مطابق جيڪي ڏئي سگھي سو آڻي.“


جڏهن تہ اهو خدا ئي آهي جيڪو پنهنجي نيڪ ارادي موجب اوهان ۾ ڪم ڪندو رهي ٿو، تہ جيئن اوهين سندس مرضي قبول ڪريو ۽ انهيءَ تي عمل بہ ڪريو.


هر چڱي ۽ ڪامل بخشش مٿان کان آهي، يعني انهيءَ خدا پيءُ جي طرفان ملي ٿي، جيڪو آسمان مان روشني ڏيندڙ شين جو خالق آهي. هو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي.


تڏهن اهي چوويهہ بزرگ منهن ڀر ڪري انهيءَ کي سجدو ٿا ڪن، جيڪو تخت تي ويٺو آهي ۽ هميشہ هميشہ تائين زندہ رهي ٿو. اهي سجدو ڪندي پنهنجا تاج ان تخت جي اڳيان رکي چون ٿا تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ