Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 29:13 - Muslim Sindhi Bible

13 هاڻ اي اسان جا خدا! اسين تنهنجو شڪر ڪريون ٿا ۽ تنهنجي عظمت واري نالي جي واکاڻ ڪريون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 هاڻي تنهنڪري، اسان جا خدا، اسين تنهنجو شڪر ۽ تنهنجي جلالي نالي جي تعريف ٿا ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 29:13
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دولت ۽ عزت تو وٽان ئي ملندڙ آهن. هر شيءِ تي تنهنجو حڪم هلندڙ آهي. تنهنجي هٿ ۾ قدرت ۽ طاقت آهي. سرفراز ڪرڻ ۽ طاقت بخشڻ تنهنجي ئي هٿ ۾ آهي.


آءٌ ڪير آهيان ۽ منهنجي قوم ڪير آهي جو اسين هيترو سارو نذرانو ڏيئي سگھون؟ هر ڪا شيءِ تو وٽان ئي ملي ٿي ۽ تو کان ئي مليل شين مان اسان تو کي ڏنو آهي.


اوهين خداوند جو شڪر ڪريو ۽ سندس نالو پڪاريو. اوهين سندس ڪمن کي قومن منجھہ بيان ڪندا رهو.


خداوند جي واکاڻ ڪريو ۽ سندس ٿورا مڃيو، ڇاڪاڻ تہ هو ڀلو آهي ۽ سندس شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.


اي منهنجا خدا بادشاهہ! آءٌ تنهنجي تعظيم پيو ڪندس، آءٌ تنهنجي نالي کي هميشہ سڳورو چوندو رهندس.


اي منهنجي ابن ڏاڏن جا خدا! آءٌ تنهنجو شڪر ۽ واکاڻ ٿو ڪريان، ڇوجو تو مون کي ڏاهپ ۽ سگھہ عطا ڪئي آهي. اسان جيڪي تو کان چاهيو سو ئي تو مون کي ٻڌائي ڇڏيو، هائو، بادشاهہ وارو پورو معاملو تو اسان تي ظاهر ڪيو آهي.“


پنهنجو پيغام پورو ڪندي نبوڪدنضر ٻڌايو تہ ”انهن مقرر ڪيل ڏينهن جي گذرڻ کان پوءِ جڏهن مون پنهنجيون اکيون عرش عظيم ڏانهن کنيون تہ منهنجي سمجھہ مون منجھہ موٽي آئي. سو خدا تعاليٰ، جيڪو هميشہ زندہ رهندڙ آهي، تنهن جي تعظيم ۽ شڪر ادا ڪندي مون سندس واکاڻ ڪئي تہ خدا جي حاڪميت ابدي حاڪميت آهي، هائو، هن جي بادشاهت پيڙهي بہ پيڙهي قائم وَ دائم آهي.


خدا جو شڪر آهي، جيڪو اسان کي مسيح جا هئڻ ڪري سدائين پنهنجي فتح واري جلوس ۾ گھمائي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح اسان جي وسيلي هر هنڌ مسيح بابت ڄاڻ خوشبوءِ وانگر پکيڙي ٿو.


خدا جو شڪر آهي، جنهن طيطس جي دل ۾ بہ اوهان لاءِ اها ساڳي سرگرمي پيدا ڪئي آهي جيڪا مون ۾ آهي،


بهرحال خدا جي بخشش جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، تنهن لاءِ سندس شڪر آهي.


آءٌ خداوند جي نالي جي تعريف پيو ڪندس، اوهين بہ اي بني اسرائيل! اسان جي عظيم خدا جي تعظيم ڪريو.


انهن ڳالهين کان علاوہ اسين هميشہ خدا جو شڪر بہ ٿا ڪريون تہ جڏهن اوهان کي خدا جو پيغام مليو جيڪو اوهان اسان کان ٻڌو، تڏهن اوهان اهو انسان جو نہ پر جيئن حقيقت ۾ آهي تيئن خدا جو فرمان سمجھي قبول ڪيو، جيڪو اوهان ايمان وارن تي اثر بہ ڪري رهيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ