Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 29:1 - Muslim Sindhi Bible

1 دائود بادشاهہ سڄيءَ قوم کي چيو تہ ”منهنجو پٽ سليمان، جنهن کي ئي خدا چونڊيو آهي سو اڃا نوجوان ۽ ناتجربيڪار آهي ۽ ڪم تمام وڏو آهي، ڇاڪاڻ تہ اها هيڪل انسان لاءِ نہ آهي پر خداوند خدا جي لاءِ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ دائود بادشاهہ ساري جماعت کي چيو، تہ خدا فقط منهنجي پٽ سليمان کي چونڊيو آهي، ۽ هو اڃا ننڍو ۽ ڳڀرو آهي، ۽ ڪم تمام وڏو آهي: ڇالاءِ جو اهو محل اسان جي لاءِ نہ آهي، پر خداوند خدا جي لاءِ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 29:1
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيتوڻيڪ آءٌ مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ آهيان، تڏهن بہ اڄوڪي ڏينهن آءٌ ڪمزور آهيان. جڏهن تہ هي قاتل، ضروياہ جا پٽ مون کان ڏاڍا آهن. خداوند شل بڇڙائي ڪندڙ کي سندس بڇڙائيءَ موجب بدلو ڏئي.“


قبلا سائين! هينئر سڄي بني اسرائيل جون اکيون توهان تي آهن تہ توهان کين ٻڌايو تہ توهان منهنجي آقا بادشاهہ کان پوءِ ڪير توهان جي تخت تي ويهندو.


هاڻ اي خداوند منهنجا خدا! تو مون پنهنجي ٻانهي کي منهنجي پيءُ دائود جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو آهي. پر آءٌ تہ هڪڙي ننڍڙي ٻار مثل آهيان ۽ خبر ڪانہ اٿم تہ ڪيئن اٿان ويهان.


دائود بادشاهہ جي حڪم مطابق بني اسرائيل جي ملڪ ۾ جيڪي ڌاريا ماڻهو هئا تن کي گڏ ڪري انهن مان سنگتراش مقرر ڪيا ويا تہ جيئن اهي خدا جي هيڪل لاءِ پٿر گھڙين.


دائود چيو تہ ”منهنجو پٽ سليمان اڃان ننڍڙو ۽ ناتجربيڪار آهي. خداوند جي لاءِ جيڪو گھر ٺاهڻو آهي سو تمام سهڻو ۽ سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ۽ شاندار هئڻ گھرجي. تنهنڪري آءٌ انهيءَ لاءِ اڳي ئي تياري ڪري ڇڏيان.“ سو دائود انهيءَ لاءِ پنهنجي وفات کان اڳي ئي گھڻي تياري ڪري ڇڏي هئي.


دائود بني اسرائيل جي هنن سڀني عملدارن کي يروشلم ۾ گڏ ٿيڻ لاءِ سڏايو: قبيلن جا سردار، بادشاهہ جي خدمت ڪندڙ ٽولن جا سالار، لشڪر جي هزارن ۽ سون جي ٽولن جا سالار، بادشاهہ ۽ سندس پٽن جي سموري ملڪيت ۽ مال جا نگران عملدار، محل جا خدمتگار، مکيہ ماڻهو ۽ سڀ آزمودگار جوڌا جوان.


سو هاڻ سوچ ڪر، خدواند تو کي چونڊيو آهي تہ تون سندس پاڪ گھر لاءِ هيڪل تعمير ڪرين. سو همت ٻڌي ڪم شروع ڪر.“


تنهنڪري هاڻي آءٌ خداوند ۽ سندس قوم بني اسرائيل جي روبرو اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي سڀني حڪمن تي عمل ڪريو، تہ جيئن اوهين هن چڱي ملڪ جا وارث ٿيندا رهو ۽ پاڻ کان پوءِ پنهنجي اولاد واسطي اهو هميشہ لاءِ ميراث طور ڇڏي وڃو.“


منهنجي پٽ سليمان کي دلي چاهہ عطا ڪر تہ هو تنهنجي حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪري ۽ انهيءَ هيڪل کي مڪمل ڪري جنهن جي لاءِ مون پوري تياري ڪئي آهي.“


هڪ ڏينهن سليمان بادشاهہ لشڪر جي سون ۽ هزارن جي دستن جي سالارن، رهبرن ۽ بني اسرائيل جي سڀني اڳواڻن ۽ گھراڻن جي وڏن کي حڪم ڏيئي چيو تہ


ڪي لُچا لُفنگا ماڻهو هن جي چوڌاري اچي گڏ ٿيا آهن ۽ رحبعام ولد سليمان جي مخالفت شروع ڪئي اٿائون، جڏهن تہ هو اڃا ننڍو ۽ فيصلي ڪرڻ ۾ پختو ڪين هو ۽ نہ وري انهن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ايتري سگھہ هئس.


جيئن تہ آءٌ والدين جو اڪيلو ۽ لاڏلو پٽ هئس، سو ماءُ مون کي بيحد پيار ڪندي هئي. جڏهن آءٌ اڃا ننڍڙو ٻار هئس


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي قوم، يعني يعقوب جي نسل تي رحم ڪندس، ۽ سندن گھرن ۾ وري خوشحالي آڻيندس، يروشلم شهر پنهنجي دڙي تي وري اڏيو ويندو، ۽ انهيءَ جو قلعو پنهنجي اصلي هنڌ تي وري قائم ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ