1.تواريخ 28:8 - Muslim Sindhi Bible8 تنهنڪري هاڻي آءٌ خداوند ۽ سندس قوم بني اسرائيل جي روبرو اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي سڀني حڪمن تي عمل ڪريو، تہ جيئن اوهين هن چڱي ملڪ جا وارث ٿيندا رهو ۽ پاڻ کان پوءِ پنهنجي اولاد واسطي اهو هميشہ لاءِ ميراث طور ڇڏي وڃو.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible8 تنهنڪري هاڻي ساري اسرائيل، يعني خداوند جي جماعت جي روبرو، ۽ اسان جي خدا جي حضور، اوهين خداوند پنهنجي خدا جي سڀني حڪمن کي مڃيو ۽ انهن جا طالب ٿيو: تہ اوهين هن سٺي ملڪ جا وارث ٿيو، ۽ انهيءَ کي پنهنجي اولاد جي لاءِ هميشہ واسطي ورثي ۾ ڇڏي وڃو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صافدليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.