Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 28:7 - Muslim Sindhi Bible

7 جيڪڏهن هو منهنجي حڪمن ۽ قانونن تي عمل ڪندو رهندو، جيئن هاڻ ڪري ٿو تہ آءٌ سندس بادشاهي هميشہ لاءِ قائم رکندس.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ جي هو منهنجن حڪمن ۽ فيصلن جي سنڀال ڪري هميشہ عمل ۾ آڻيندو، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي، تہ آءٌ سندس بادشاهي هميشہ لاءِ قائم ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 28:7
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن سليمان پوڙهو ٿيو تڏهن سندس زالن سندس دل ڦيرائي غير معبودن ڏانهن ڪري ڇڏي. جيئن سندس پيءُ دائود جي دل خداوند پنهنجي خدا سان لڳل هئي، تيئن هن جي دل خدا سان پوري طرح لڳل نہ رهي.


جيڪڏهن تون منهنجيءَ راهہ تي هلندي منهنجي قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪندين، جيئن تنهنجو پيءُ دائود ڪندو هو، تہ پوءِ آءٌ تنهنجي عمر وڌائيندس.“


سو اوهين خداوند پنهنجي خدا سان مڪمل وفادار رهو، هن جي قانونن تي هلو ۽ سندس حڪمن تي عمل ڪريو، جيئن اڄڪلهہ اوهين ڪريو ٿا.“


جيڪڏهن تون انهن قاعدن قانونن تي وڏي خبرداريءَ سان هلندين، جيڪي خداوند موسيٰ جي معرفت بني اسرائيل کي ڏنا هئا، تہ پوءِ تون ڪامياب ٿي ويندين. سو مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ، نڪي ڊڄ ۽ نہ ئي وري همت هار.


سو هاڻ سوچ ڪر، خدواند تو کي چونڊيو آهي تہ تون سندس پاڪ گھر لاءِ هيڪل تعمير ڪرين. سو همت ٻڌي ڪم شروع ڪر.“


تنهنڪري هاڻي آءٌ خداوند ۽ سندس قوم بني اسرائيل جي روبرو اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي سڀني حڪمن تي عمل ڪريو، تہ جيئن اوهين هن چڱي ملڪ جا وارث ٿيندا رهو ۽ پاڻ کان پوءِ پنهنجي اولاد واسطي اهو هميشہ لاءِ ميراث طور ڇڏي وڃو.“


پوءِ جيڪڏهن تنهنجو اولاد منهنجي عهد کي قائم رکندو، ۽ جيڪا شريعت آءٌ کين سيکاريندس تنهن تي عمل ڪندا رهندا، تہ پيڙهي بہ پيڙهي اهي تنهنجي تخت تي ويهندا رهندا.“


توهان پنهنجي خواب ۾ اهو بہ ڏٺو تہ انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ هڪ پٿر ٽڪر مان ٽٽي نڪتو. انهيءَ پٿر لوهہ، پتل، ٺڪر، چانديءَ ۽ سون کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ انهن ئي حڪمرانن جي ڏينهن ۾ عرش عظيم وارو خدا هڪڙي اهڙي بادشاهت قائم ڪندو، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي. نڪي انهيءَ جي حڪمراني ڪنهن ٻيءَ قوم جي حوالي ڪئي ويندي. اٽلندو اها ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ناس ڪندي ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي. سو اي بادشاهہ! ائين ڪرڻ سان عظيم خدا توهان کي اهو ڪجھہ ڏيکاريو آهي، جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيندو. توهان اهو ئي خواب ڏٺو آهي ۽ ائين ئي ٿيڻو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ