Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 28:6 - Muslim Sindhi Bible

6 هن مون کي فرمايو تہ ’تنهنجو پٽ سليمان منهنجو گھر تعمير ڪرائيندو. مون هن کي چونڊيو آهي تہ هو منهنجو پٽ ٿئي ۽ آءٌ سندس پيءُ ٿيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ هن مون کي فرمايو، تہ تنهنجو پٽ سليمان، منهنجو گهر ۽ منهنجا ايوان ٺاهيندو: ڇالاءِ جو مون هن کي چونڊيو آهي تہ هو منهنجو پٽ ٿئي ۽ آءٌ سندس پيءُ ٿيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 28:6
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هاڻ منهنجو ارادو آهي تہ خداوند پنهنجي خدا جي عبادت لاءِ آءٌ هڪڙي هيڪل تعمير ڪرايان جيئن خداوند منهنجي پيءُ دائود کي چيو هو تہ ’تنهنجو پٽ جنهن کي آءٌ تنهنجي جاءِ تي تخت تي وهاريندس سو ئي منهنجي عبادت لاءِ هڪ گھر ٺهرائيندو.‘


سو خداوند هاڻ پنهنجو ڪيل واعدو پورو ڪري ڏيکاريو آهي. آءٌ پنهنجي پيءُ دائود جو جاءِ‌نشين بڻيو آهيان ۽ بني اسرائيل جي تخت تي ويٺو آهيان. مون خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي نالي تي اهو گھر جوڙايو آهي.


هاڻ اي خداوند خدا! جيڪو واعدو تو منهنجي پيءُ دائود سان ڪيو هو سو برقرار رهي، ڇو تہ تو مون کي هڪڙي اهڙيءَ قوم جو بادشاهہ بڻايو آهي جيڪا شمار ۾ واريءَ جي ذرڙن کان بہ وڌيڪ آهي.


تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ هال ۽ ٻاهرين اڱڻ جي وچ واري دروازي جي ٻانهين جي اوچائي ماپي جيڪا ٽيهہ ميٽر هئي. انهيءَ سڄي اوڀر واري لنگھہ جي جاءِ جي ٽنهي پاسن کان هيڪل جو ٻاهريون اڱڻ هو.


پر عيسيٰ موسيٰ کان ايتري قدر وڌيڪ عظمت جي لائق ليکيو ويو، جيتري قدر ڪنهن گھر جو جوڙيندڙ انهيءَ گھر کان وڌيڪ عزت وارو ٿئي ٿو.


پر مسيح فرزند جي حيثيت ۾ خدا جي گھراڻي جو مختيار هوندي وفادار رهيو. هاڻي خدا جو گھراڻو اسين آهيون، بشرطيڪ اسين پنهنجيءَ همت ۽ انهيءَ اميد تي قائم رهون، جنهن تي اسان کي اعتماد آهي.


هي اهو ساڳيو آرام آهي جنهن جو ذڪر هلي رهيو آهي تہ ”هو انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا، جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ