1.تواريخ 28:4 - Muslim Sindhi Bible4 تنهن هوندي بہ خداوند، بني اسرائيل جي خدا، منهنجي پيءُ جي سڄي گھراڻي مان مون کي چونڊيو تہ جيئن آءٌ هميشہ تائين بني اسرائيل مٿان بادشاهي ڪريان. پهريائين هن يهوداہ قبيلي کي اڳواڻ طور چونڊيو، پوءِ يهوداہ جي گھراڻن مان منهنجي پيءُ جي گھراڻي کي چونڊيائين ۽ ان سڄي گھراڻي مان هن بني اسرائيل مٿان بادشاهي ڪرڻ لاءِ مون کي چونڊيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible4 تنهن هوندي بہ خداوند اسرائيل جي خدا، مون کي منهنجي پيءُ جي سڄي گهراڻي مان چونڊيو تہ آءٌ هميشہ اسرائيل جو بادشاهہ ٿيان: ڇالاءِ جو هن يهوداہ کي پيشوا ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي؛ ۽ يهوداہ جي گهراڻي مان، منهنجي پيءُ جي گهر کي چونڊيو اٿس؛ ۽ منهنجي سڀني ڀائرن مان هن مون کي پسند ڪيو، تہ مون کي اسرائيل جو بادشاهہ ڪري: အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند سموئيل کي چيو تہ ”تون ڪيستائين پيو سائول جي لاءِ افسوس ڪندين؟ جڏهن تہ مون پاڻ هن کان بني اسرائيل جي بادشاهي کسي ورتي آهي. سو هاڻي تون هڪڙي سڱ ۾ زيتون جو ڪجھہ تيل کڻ ۽ وڃ. آءٌ تو کي بيتلحم جي يسي نالي هڪڙي ماڻهوءَ ڏانهن موڪليان ٿو، ڇاڪاڻ تہ مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي طرفان بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“