Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 28:21 - Muslim Sindhi Bible

21 ڪاهنن ۽ لاوين کي هيڪل ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. سڀيئي ڪاريگر جيڪي هر قسم جي مهارت رکن ٿا سي تنهنجي مدد لاءِ تيار آهن ۽ سڀ ماڻهو ۽ سندن اڳواڻ تنهنجي حڪم هيٺ آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ۽ ڏس، ڪاهنن ۽ لاوين جي ترتيب، خداوند جي گهر جي سڄي خدمت جي لاءِ اها آهي: ۽ هر ڪنهن قسم جي خدمت جي لاءِ. ۽ سڀ ڪنهن ڪم ۾ جيڪو رضامند شخص ماهر آهي، سو خوشيءَ سان تنهنجو ساٿ ڏيندو: ۽ لشڪر جا سردار ۽ سڄي قوم تنهنجي حڪم هيٺ ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 28:21
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ارڙهين ٽولي جو اڳواڻ حناني هو،


۽ سندس مائٽ انهن سڀني وقف ڪيل شين جي گودامن جي مٿان نگران هئا، جيڪي شيون دائود بادشاهہ توڙي گھراڻن جي وڏن، لشڪر جي هزارن ۽ سون جي ٽولن جي سالارن ۽ سپهہ‌سالارن وقف ڪيون هيون.


هن کيس ڪاهنن ۽ لاوين جي فرضن ۽ خداوند جي هيڪل جي سموري ڪم ڪار ۽ ان جي خدمت ۾ استعمال ٿيندڙ سڀني ٿانون بابت هدايتون ڏنيون.


تنهنجي جنگ ڪرڻ واري ڏينهن تي تنهنجا ماڻهو پاڻ کي پيش ڪندا. هائو، تنهنجا جوان پاڪيزگيءَ جي جمال سان تو وٽ پيش ٿيندا. جيئن صبح جو سوير تازگي ڏيندڙ ماڪ پوي ٿي، تيئن ئي اهي نوجوان تازگيءَ واري حالت ۾ تو وٽ ايندا.


مون هن کي دانائيءَ، سمجھہ، علم ۽ هر قسم جي ڪاريگريءَ ۾ پنهنجي روح سان ڀرپور ڪري ڇڏيو آهي،


جيڪي عورتون هنرمند هيون سي پنهنجن هٿن سان آسماني، واڱڻائي يا لال ڳاڙهي رنگ جو سٽ، سنهي سڻي


سو بصل‌ايل، اهلياب ۽ ٻيا سڀيئي ڪاريگر ماڻهو، جن کي خداوند دانائي ۽ سمجھہ عطا ڪئي هئي، سي مقدس خيمي جي ڪم جي سموري ڪاريگريءَ کي سمجھي خداوند جي حڪم موجب ڪم ڪندا.“


پوءِ موسيٰ بصل‌ايل، اهلياب ۽ انهن سڀني ماڻهن کي پاڻ وٽ سڏيو جن کي خداوند دانائي عطا ڪئي هئي، يعني انهن سڀني کي جن جي دلين ۾ ڪم ڪرڻ جي ترغيب پيدا ٿي.


هر ڪنهن شخص کي ملڪ جي حڪومت جو تابعدار رهڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اهڙي ڪابہ حڪومت ڪانهي جيڪا خدا جي طرفان نہ هجي. جيڪي بہ حڪومتون آهن سي خدا جي طرفان مقرر ٿيل آهن.


ماڻهن کي ياد ڏياريندو رهہ تہ اهي حڪمرانن ۽ اختياريءَ وارن جا تابعدار رهن، سندن حڪم مڃين ۽ هر چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار رهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ