Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 27:33 - Muslim Sindhi Bible

33 اخيتفل بادشاهہ جو صلاحڪار هو. حوسي ارڪي بادشاهہ جو دوست هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 ۽ اخيتفل بادشاهہ جو مشير هو، ۽ حوسي ارڪي بادشاهہ جو دوست هو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 27:33
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ابي‌سلوم قربانيون ادا پئي ڪيون تڏهن هن دائود جي صلاحڪار اخيتفل جِلونيءَ کي سندس شهر جِلوہ مان گھرائي ورتو. سازش وڌندي ويئي ۽ ابي‌سلوم جي پوئلڳن جو تعداد جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويو.


پوءِ جڏهن دائود جبل جي چوٽيءَ تي اچي پهتو، جتي خدا جي عبادت ڪئي ويندي هئي، تڏهن ڏٺائين تہ ارڪي قبيلي وارو سندس دوست حوسي ڦاٽل ڪپڙن سان، مٿي ۾ مٽي وجھي ساڻس گڏجڻ لاءِ اچي پهتو آهي.


ان کان پوءِ جيئن ئي دائود جو دوست حوسي شهر ۾ آيو، تيئن ابي‌سلوم بہ يروشلم شهر ۾ پهچي ويو.


انهن ڏينهن ۾ اخيتفل جيڪا بہ صلاح ڏيندو هو سا ائين سمجھي ويندي هئي ڄڻ ڪنهن خدا کان پڇي ڏني هجي. سو اخيتفل جي سڀڪا صلاح دائود توڙي ابي‌سلوم ٻنهي لاءِ اهڙي ئي هوندي هئي.


اخيتفل جڏهن ڏٺو تہ سندس صلاح تي عمل نہ ڪيو ويو آهي، تڏهن هن پنهنجي گڏهہ تي آٿر رکيو ۽ اُٿي پنهنجي شهر ڏانهن روانو ٿيو. گھر پهچي پنهنجي گھر جي انتظام بابت وصيت ڪيائين. پوءِ پاڻ کي ڦاهي ڏيئي ماري ڇڏيائين ۽ کيس پنهنجي خانداني قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


ناتن جو پٽ عزرياہ جيڪو ضلعي عملدارن جو نگران هو، ناتن جو پٽ زبود جيڪو ڪاهن ۽ بادشاهہ جو مشير هو،


دائود جو چاچو يونتن عقلمند مشير ۽ شاهي محرر هو. يحي‌ايل ولد حڪموني شهزادن جي سنڀال تي مقرر هو.


پر اي دوست! اهو سڀ ڪرڻ وارو تون ئي تہ هئين، جيڪو منهنجو رفيق هئين. هائو، تون ئي جيڪو منهنجو سنگتي ۽ گَهرو دوست هئين.


قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ قوم جي ريڍار کي تلوار هڻي ڪڍندس، ۽ پوءِ سندس رڍون ڇڙوڇڙ ٿي وينديون. هائو، آءٌ سندس سڄي ڌڻ جي خلاف پنهنجو هٿ کڻندس. سو اي تلوار! منهنجي ريڍار خلاف اُٿي کڙي ٿيءُ، يعني انهيءَ جي خلاف جيڪو منهنجو خاص ٻانهو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ