Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 27:25 - Muslim Sindhi Bible

25 شاهي خزانن جو نگران عزماوت ولد عدي‌ايل هو. ٻاهرين علائقن، شهرن، ڳوٺن ۽ چونڪين جي خزانن جو نگران يونتن ولد عُزياہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 ۽ شاهي خزانن جي مٿان عزماوت بن عدي ايل هو: ۽ ٻنين ۽ شهرن ۽ ڳوٺن ۽ قلعن جي خزانن جي مٿان، يونتن بن عزياہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 27:25
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يوسف مصر ۾ سڪار وارن ستن ئي سالن جو سمورو اناج گڏ ڪيو ۽ هر قسم جو کاڌو آڻي شهرن ۾ گڏ ڪري رکيائين. جيڪا ٻني جنهن شهر کي ويجھي هئي تنهن جو اناج انهيءَ ويجھي شهر ۾ گڏ ڪري رکيائين.


ابي‌علبون عرباتي، عزماوت برحومي،


سو حزقياہ کي خداوند جي گھر ۾ ۽ شاهي محل ۾ جيڪا بہ چاندي هٿ آئي سا سڀ کيس ڏياري موڪليائين.


يوآب جنهن جي ماءُ جو نالو ضروياہ هو، تنهن آدمشماري ڪرڻ شروع ڪئي پر اُها پوري نہ ڪيائين. انهيءَ آدمشماريءَ ڪرڻ ڪري بني اسرائيل تي خداوند جو غضب اچي ڪڙڪيو ۽ اُهو شمار بادشاهہ دائود جي تواريخ جي ڪتاب ۾ داخل نہ ڪيو ويو.


ٻنين ۾ پوک ڪندڙن جو نگران عزري ولد ڪلوب هو.


دائود بني اسرائيل جي هنن سڀني عملدارن کي يروشلم ۾ گڏ ٿيڻ لاءِ سڏايو: قبيلن جا سردار، بادشاهہ جي خدمت ڪندڙ ٽولن جا سالار، لشڪر جي هزارن ۽ سون جي ٽولن جا سالار، بادشاهہ ۽ سندس پٽن جي سموري ملڪيت ۽ مال جا نگران عملدار، محل جا خدمتگار، مکيہ ماڻهو ۽ سڀ آزمودگار جوڌا جوان.


تڏهن بني اسرائيل جي قبيلن جي سردارن، گھراڻن جي وڏن، فوجي سالارن ۽ بادشاهي ڪم ڪار جي نگرانن رضا خوشيءَ سان نذرانا ڏنا.


تڏهن بادشاهہ آسا خداوند جي گھر مان ۽ پنهنجي محل جي خزانن مان چاندي ۽ سون ڪڍي ارام جي بادشاهہ بن‌هدد ڏانهن ڏياري موڪليو، جيڪو دمشق شهر مان راڄ ڪندو هو.


هن چراگاهن ۾ پڻ ٺُلهَہ ٺهرايا ۽ اتي گھڻا ئي کوهہ کوٽايائين، ڇاڪاڻ تہ اولهہ وارن هيٺاهن علائقن ۽ ميدانن ۾ وٽس گھڻو چوپايو مال هو. جيئن تہ هن کي زراعت سان گھڻو چاهہ هو، تنهنڪري جابلو علائقن ۾ توڙي پوکيءَ لائق زمين ۾ انگورن جا باغ لڳائڻ ۽ پوک ڪرڻ تي هن ڪڙمي بيهاريا.


سو مصرين کين پيڙڻ لاءِ مٿن رکوالا مقرر ڪيا تہ جيئن اهي کين بيگر ۾ وهائين. اهڙيءَ طرح هنن فرعون جي لاءِ ذخيري ڪرڻ جا شهر پتوم ۽ رعمسيس اڏيا.


پر کين مارڻ وقت انهن مان ڏهن ڄڻن اسماعيل کي منٿون ڪيون تہ ”اسان کي نہ مار! اسان وٽ ڪڻڪ، جَوَ، زيتون جي تيل ۽ ماکي جو ذخيرو آهي جيڪي هڪ ٻنيءَ ۾ لڪائي رکيا اٿئون.“ تڏهن هن انهن ڏهن ئي ڄڻن کي ڇڏي ڏنو ۽ کين قتل نہ ڪيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ