Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 27:1 - Muslim Sindhi Bible

1 هي بني اسرائيل جا اهي ماڻهو آهن جيڪي گھراڻن جا وڏا، لشڪر جا هزارن ۽ سون جا سالار ۽ سپهہ‌سالار هئا ۽ جن ٽولن جي صورت ۾ دائود بادشاهہ لاءِ ملڪ جي هر خدمت سرانجام ٿي ڏني. پوري سال جي هر مهيني الڳ الڳ ٽولو خدمتون انجام ڏيندو هو. انهن مان هر هڪ ٽولي ۾ چوويهہ هزار ماڻهو هوندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 بني اسرائيل پنهنجي شمار موجب، يعني اباڻي گهراڻي جي رئيسن، ۽ هزارن ۽ سوَن جي سردارن، ۽ سندن عملدارن، مهيني بہ مهيني، سال جي سڀني مهينن ۾، اچڻ وڃڻ جي ترتيب موجب بادشاهہ جي خدمت ٿي ڪئي: هرهڪ حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 27:1
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود وٽ جيڪي بهادر سپاهي هئا، تن مان ٽن جا نالا هي آهن: يوشيب‌بشيبت تحڪموني، جيڪو ”ٽن جو ٽولو“ جي وڏن بهادرن مان مکيہ بهادر هو، جنهن نيزو کڻي هڪڙي ئي مقابلي ۾ اٺ سؤ ماڻهو قتل ڪري ڇڏيا هئا.


جيڪي ٻارهن عملدار هئا تن مان هر هڪ پنهنجي پنهنجي واري واري مهيني ۾ سليمان بادشاهہ جي لاءِ ۽ جيڪي سندس دسترخوان تي ايندا هئا تن سڀني جي لاءِ کاڌو موجود ڪري ڏيندا هئا. هنن ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي نہ ٿي ٿيڻ ڏني.


بادشاهہ سليمان جا ٻيا ٻارهن عملدار پڻ سڄي بني اسرائيل جي مختلف علائقن مٿان مقرر هئا، جيڪي بادشاهہ ۽ سندس گھراڻي لاءِ سيڌو سامان موجود ڪري ڏيندا هئا. هر هڪ کي سال ۾ هڪ مهيني جي لاءِ سيڌو سامان موجود ڪري ڏيڻو هوندو هو.


هو انهن مان واري واري سان ڏهہ هزار ماڻهن کي لبنان ڏانهن موڪليندو هو. اهڙيءَ طرح اهي هڪ مهينو لبنان ۾ رهندا هئا ۽ ٻہ مهينا پنهنجي گھرن ۾. ادونرام انهن بيگاري ماڻهن جو نگران هو.


دائود جا اُهي ناليوارا سپاهي جن بني اسرائيل جي ٻين سڀني ماڻهن سان گڏجي دائود جي مدد ڪئي تہ جيئن کيس بادشاهہ بڻائين، جهڙيءَ طرح خداوند دائود سان واعدو ڪيو هو، سي هي آهن.


دائود بادشاهہ لشڪر جي هزارن ۽ سون جي ٽولن تي مقرر ڪيل سڀني سالارن سان صلاح مشورو ڪيو.


يرياہ کي ٻہ هزار ست سؤ مائٽ هئا جيڪي قابل ماڻهو ۽ ڪٽنبن جا وڏا هئا، تن کي دائود بادشاهہ اردن درياءَ جي اوڀر طرف بني روبين تي، بني جد تي ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي تي خدا جي هر ڪنهن ڪم ۽ بادشاهہ جي هر ڪنهن ڪم لاءِ نگران مقرر ڪيو.


هي ماڻهو ماهوار پنهنجي ٽولي جا سالار بڻايا ويندا هئا: پهريون مهينو: يسوبعام ولد زبدي‌ايل جيڪو بني فارص ولد يهوداہ مان هو. ٻيو مهينو: دودي اخوحي. مقوت سندس نائب هو. ٽيون مهينو: يهويدع ڪاهن جو پٽ بناياہ. هي اهو بناياہ آهي جيڪو ”ٽيهن جو ٽولو“ جي بهادرن مان سڀني کان طاقتور ۽ سندن اڳواڻ پڻ هو. سندس پٽ عميزباد بہ سندس ٽولي ۾ شامل هو. چوٿون مهينو: يوآب جو ڀاءُ عساهيل. سندس پٽ زبدياہ سندس نائب هو. پنجون مهينو: سمهوت ازراخي. ڇهون مهينو: عيرا ولد عقيس تقوعي. ستون مهينو: بني افرائيم مان خلص فلطي. اٺون مهينو: زرحي ولد يهوداہ جي گھراڻي مان سبڪي حوساتي. نائون مهينو: بني بنيامين مان ابي‌عزر عنتوتي. ڏهون مهينو: زرحي ولد يهوداہ جي گھراڻي مان مهري نطوفاتي. يارهون مهينو: بني افرائيم مان بناياہ فرعاتوني. ٻارهون مهينو: غتني‌ايل جي گھراڻي مان خلدي نطوفاتي.


دائود بني اسرائيل جي هنن سڀني عملدارن کي يروشلم ۾ گڏ ٿيڻ لاءِ سڏايو: قبيلن جا سردار، بادشاهہ جي خدمت ڪندڙ ٽولن جا سالار، لشڪر جي هزارن ۽ سون جي ٽولن جا سالار، بادشاهہ ۽ سندس پٽن جي سموري ملڪيت ۽ مال جا نگران عملدار، محل جا خدمتگار، مکيہ ماڻهو ۽ سڀ آزمودگار جوڌا جوان.


تڏهن بني اسرائيل جي قبيلن جي سردارن، گھراڻن جي وڏن، فوجي سالارن ۽ بادشاهي ڪم ڪار جي نگرانن رضا خوشيءَ سان نذرانا ڏنا.


هڪ ڏينهن سليمان بادشاهہ لشڪر جي سون ۽ هزارن جي دستن جي سالارن، رهبرن ۽ بني اسرائيل جي سڀني اڳواڻن ۽ گھراڻن جي وڏن کي حڪم ڏيئي چيو تہ


موسيٰ سڄي بني اسرائيل منجھان لائق ماڻهو چونڊي ڪڍيا ۽ انهن مان هر هڪ کي هزارن هزارن، سَون سَون، پنجاهن پنجاهن يا ڏهن ڏهن ماڻهن تي حاڪم مقرر ڪيائين.


پر هوڏانهن خداوند بيت‌لحم اِفرات کي فرمائي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ تون يهوداہ جي ننڍن ننڍن شهرن مان هڪ آهين، تڏهن بہ تو منجھان هڪڙو اهڙو شخص پيدا ٿيندو، جيڪو منهنجي طرفان بني اسرائيل جو حڪمران بڻبو. انهيءَ حڪمران جو گھراڻو پراڻي زماني کان وٺي قائم آهي.“


پوءِ مون اوهان جي قبيلن جي سردارن مان جيڪي ڏاها ۽ عملي ڄاڻ رکندڙ ماڻهو هئا، تن کي اوهان جي مٿان اڳواڻ مقرر ڪيو. اهي مون اوهان جي قبيلن مطابق ڪي هزارن هزارن جا، ڪي سَون سَون جا، ڪي پنجاهہ پنجاهہ جا ۽ ڪي ڏهن ڏهن جا اڳواڻ ۽ ٻيا عملدار بہ مقرر ڪيا.


گھڻو عرصو گذري چڪو هو ۽ خداوند بني اسرائيل کي آس‌پاس وارن دشمنن کان آرام ڏنو هو. تنهن وقت ڌاري يشوع پيرسن ۽ وڏيءَ عمر جو ٿي ويو هو.


انهن مان ڪن کي هو پنهنجي لاءِ هزار هزار ماڻهن جو سالار ۽ ڪن کي پنجاهہ پنجاهہ ماڻهن جو سالار مقرر ڪندو. ڪن کي هو هر هلائڻ، فصل لڻڻ، جنگ جي هٿيارن جوڙڻ ۽ پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏين جي اوزارن ٺاهڻ لاءِ مقرر ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ